ڪراچي(پ ر) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سالياني اجالس جي موقعي تي سڄي ملڪ جي عهديدارن ڀرپور خيالن جو اظهار ڪندي قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ته رائيٽ ٽو انفارميشن قانون جي پاسداري ڪندي حڪومت ڊان ليڪس جاچ رپورٽ جاري ڪري ته جيئن اصل معاملا معلوم ٿي سگهن، ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق جي طرفان سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ۽ فنانس سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو جي طرفان پيش ڪئي وئي، جڏهن ته مالياتي گوشوارن جي به متفقو طور تي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي ضياءَ شاهد سي پي اين اي صدر، شاهين قريشي سينيئر نائب صدر ۽ اعجاز الحق سيڪريٽري جنرل منتخب ڪيا ويا، جڏهن ته نائب صدر عامر محمود، رحمت اعلي رازي، مهتاب خان، انور ساجدي، طاهر فاروق، جڏهن ته غلام نبي چانڊيو فنانس سيڪريٽري ۽ هارون شاهه جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي ويا. جڏهن ته ٻين عهديدارن لاءِ به چونڊ ٿي گذري.