ضلع ڪائونسل ڪراچي پاران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن؛سلمان مراد

ملير(رپورٽ: سيد صابر شاھ)يوسي رزاق آباد جي چئيرمين راڻا پرويز پاران ضلع ڪائونسل ڪراچي جي چئيرمين سلمان مراد ۽ پي ايس 130 جي صدر امداد جوکيوجي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي چئيرمين سلمان مراد چيو ته ضلع ڪائونسل ڪراچي پاران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، عوام جي بنا ڪنهن سياسي مخالفت ۽ رنگ و نسل جي خدمت ڪري رهيا آهيون، سلمان مراد چيو ته ماضي ۾ ڪراچي شهري حڪومت ڳوٺن ۽ شهرين آبادين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو، جنهن سبب ملير جي شهري توري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مسئلن جا انبار ٿي ويا هئا، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ميمبرن ۽ عملي محدود وسيلن جي باوجود عوام کي پيئڻ جي پاڻي، سيوريج سسٽم، روڊ ۽ پارڪن سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪيون آهن، هن چيو ته ملير جي شهري ۽ ٻهراڙين جي ترقي لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيو ويو آهي، جنهن سان ملير جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ملڪ جا مثالي ماڊل وليج ۽ ماڊل شهرن ۾ تبديل ڪنداسين، تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي پي ايس 130 ملير جي صدر امداد جوکيو چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي، شاھ لطيف ٽائون ۾ بجلي، گيس ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏني وئي آهي، عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو آهي، امداد جوکيو چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي، جيڪا غريبن جي همدرد آهي، غريبن لاءِ ڪجھ ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪيو آهي، ٻين جماعتن ملير ۾ ڪجھ به نه ڪيو آهي، هن چيو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب بڻائيندي، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو هوندو، تقرب کي يوسي چئيرمين راڻا پرويز، ضلعي ميمبر اخترعارفاڻي، آغا طارق پٺاڻ، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ميرعباس ٽالپر، شازيه بلوچ، عاليه ملڪ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *