ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي تيز ڪن:ڪمشنر

لاڙڪاڻو(هه آ)  ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن محمد عباس بلوچ مختلف قومي تعميراتي ادارن جي عملدارن تي زور ڀريو آهي ته هو ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي تيز ڪن ۽ مقرر ڪيل وقت اندر مڪمل ڪن ته جيئن انهن اسڪيمن مان عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارتڪندي ڪيو. ڪمشنر ٻڌايو ته هي گڏجاڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تحت ڪئي پئي وڃي ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي خواهش آهي ته هر صورت ۾ سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون سندن درن تائين پهچايون ته جيئن سنڌ جي عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف درپيش نه اچي. ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ کي هدايتون ڏنيون ته هو هلندڙ ترقياتي ڪمن جي پاڻ نگراني ڪن ۽ ڪم جي معيار جو خاص خيال رکيو وڃي ان ڏس ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن کي بخش نه ڪيو وڃي مسٽر بلوچ عملدارن کي اهي به هدايتون ڏنيون ته هو ڪنهن به ٺيڪيدار کي ايڊوانس پيمنٽ نه ڪن ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ وقت پيمنٽ ڪئي وڃي.ان موقعي تي ڪمشنر، ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو محمد اسلم شيخ کي هدايتون ڏيندي چيو ته لاڙڪاڻي کي خوبصورت ۽ صاف سٿرو بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردارادا ڪري ته جيئن لاڙڪاڻو اڳ کان وڌيڪ بهتر نظر اچي جنهن تي ميئر ، ڪمشنر کي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *