اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ واضع ڪيو آهي ته سمورن درخواستگذارن کي ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڪنداسين ته وزير اعظم کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيون يا نه، جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿي ته وزير اعظم نواز شريف کي طلب ڪيو ويندو. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته درخواستگذار ڪيس کي مذاق ٺاهي رکيو آهي، خالد انور نواز شريف نه پر درخواستگذار جو وڪيل هو. پاناما ڪيس خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران جماعت اسلام جي وڪيل توفيق آصف وزير اعظم جي نااهلي جي لاءِ پنهنجن دليلن ۾ ظفر علي شاهه ڪيس جو حوالو ڏنو، جنهن تي جسٽس شيخ عظمت چيو ته ان ڪيس ۾ خالد انور نواز شريف جو وڪيل نه هو، توهان جي درخواست ۾ به لکيو ويو هو ته خالد انور وڪيل هو جنهن تي جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته خالد انور جي عدالت ۾ دليلن تي بيان ڪرڻ چاهيان ٿو، ان ڳالهه کي اجاڳر ڪندس خالد انور ۽ ان جي ڪندو رهيو آهيان.