ضرب عضب جي ڪاميابي هوائي فوج جي صلاحيتن جو ثبوت آهي: ايئر چيف مارشل

راولپنڊي(م ڊ) ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته پاڪ فضايه ملڪ کي درپيش چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ملڪ جي بچاءَ ۾ ايئر فورس کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. رسالپور ۾ ايئرفورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي يئر چيف مارشل سهيل امان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي ايئر فورس ۾ سٺا لاڳاپا آهن، ايئر فورس قوم جي اميدن تي پورو لهندي. هن چيو ته تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس فيلڊ ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندا، بهتر ڪارڪردگي تي انعام حاصل ڪندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏيان ٿو. برطانوي ايئر چيف مارشل سراسٽيفن جان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فضائيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته برطانيا جا پاڪستان سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن، مستقبل ۾ اهي لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *