صوفين جي ڌرتي تي درگاھ لعل شھباز تي قتل عام …!
February 17, 2017 at 11:12 pmمحمد فاروق ٻرڙو
ڪيترن ئي ڏاھڪن کان ھن ڏيھ تي خوف ۽ دھشت جو راڄ رھيو آھي، ڪي مقسوس ڌرين ھتجي امن کي کينو ٺاھيو کيڏنديون رھيون آھن، انھن جڏھن به چاھيو آھي، جتي به چاھيو آھي، چرندڙ پرندڙ زندگين کي گوشت جي لوٿڙڻ ۾ تبديل ڪيو آھي ۽ اسان جا محافظ ادارا سمورين رھواين باوجود ھنن کي روڪڻ ۾ بري ريت ناڪام ويا آھن، چوڻ جي حد تائين ته خلق کي خاطري ڪرائي وئي ھئي ته دھشتگردن جي چھيل ڀڃي ڇڏي آھي، ھيئر اھي اٿڻ جي قابل به ناھن پر حقيقت ايئن ناھي، دھشتگرد اڄ به چڱي خاص سگھ آھن، جنھن جو ثبوت ڪالھ شام جو سيوڻ شريف ۾ لعل شھباز قلندر جي مزار جي آڳڻ ۾ ھڪ آپگھاتي بمبار پنھنجو شيطاني کيل کيڏڻ ۾ ان وقت ڪامياب ٿي ويو، جڏھن مزار ۾ ڌمال جي ختم ٿيڻ کان پوءِ دعا ھلي رھي ھئي ته آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنھن کانپوءِ ھر طرف ريھون مچي ويون ۽ ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي درگاھ جو فرش رتورت ٿي ويو ۽ ھر طرر زائرين جا لاش پکڙيل ۽ زخمي فتڪندا نظر آيا، چيو وڃي ٿو ته آپگھاتي بمبار درگاھ جي سوني درگاھ کان داخل ٿيو جنھن اچي اھا خوني وارڌات ڪئي ۽ معصوم انسانن کي موت جي ننڊ سماري ڇڏيو، جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين افرا تفري وارا ماحول ھلي رھيو ھو پر ضلعي انتظاميه ان سڄي واقعي بابت پھريون سرڪاري بيان اھو ھئي جاري ڪيو ته آپگھاتي بمبار سوني دروازي کان اندر داخل ٿيو ھو ٿي سگھي ٿو ته ائين ممڪن به ھجي پر اھا ھٿ ٺوڪي ڄاڻ فوري طور تي ڏيڻ مان لڳي ٿو ته انتظاميه پنھنجي خل بچائڻ لاءِ اھا خبر ھٿ وٺي جاري ڪئي ھجي ته جيئن پاڻ کي ان حملي جي ذميوارين کان آساني سان آجيو ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ ته سوني دروازي طرف واڪ ٿرو گيٽ لڳل نه ھو جڏھن ته درگاھ جي مک دروازي تي واڪ ٿرو گيٽ لڳل آھن جنھن ڪري دھشتگرد واڪ ٿرو گيٽن مان لنگڻ بجاءِ سوني دروازي وارو رستو اختيار ڪيو جنھن ڪري اھو درگاھ جي اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جيئن ته سيوڻ شريف کي سنڌ جي نھايت ئي پر امن شھرن مان ھڪ شھر سمجھيو وڃي ٿو جنھن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته جڏھن سنڌ ۾ ھر طرف ڌاڙيلن جو راڄ ھو ۽ ڪو به شھر يا ڳوٺ محفوظ نه ھو ڪن ڏينھن به سيوڻ شھر ۾ اھڙي ڪا به وارڌات نه ٿي ھئي ۽ اڄ ڏينھن تائين سيوڻ ۾ ڪنھن به بئنڪ ڪو به ڌاڙو نه لڳو آھي ۽ اھڙي پر امن شھر ۾ ان قسم جي ڪھري ڪاروائي ٻڌائي ٿي ته ھاڻي دشمن اسان جي گھرن ، گھٽيون، مزارن، درگاھن ۽ مسجدن تائين پھچي چڪو آھي، ڪالھ انھن ڪالمن ۾ اھا ڳالھ لکي ھئي ته دھشتگردن پاڪستان خلاف ڄڻ ته جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻي اھا جنگ جيڪا جنرل ضياءُ الحق اسلام جي نالي آمريڪا جي ونگار وھيندي روس خلاف شروع ڪرائي ھئي اھا جنگ ھاڻي اسان جي پنھنجي جنگ بڻجي اسان جي ڳيچي ۾ پئجي وئي آھي دنيا ۾ جنگيون جا جيڪي قسم ٻڌايا وڃن ٿا تن مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ گوريلا جنگ کي ئي سمجھيو وڃي ٿو، جنھن ملڪ ۾ گوريلا جنگ شروع ٿي وڃي ته ان جنگ جو دنيا جي طاقت ور ترين فوج به مقابلو ڪري نٿي سگھي، ان سلسلي ۾ اسان وٽ ويٽنام جو مثال سامھون آھي جڏھن ويٽنامي ماڻھن آمريڪي فوجين کان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ گوريلا جنگ شروع ڪئي تڏھن آمريڪي فوجين کي سخت شڪست کائڻي پئجي وئي، آمريڪا جي طاقت ور ترين فوج به ويٽنامي گوريلن جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي جيئن ته ويٽنام ۾ آمريڪي فوج ۽ ويٽنام جي ڌرتي ڌڻين وڃ ۾ مقابلو ھو ۽ آمريڪي قابض فوج ھئي ان ڪري ان کي شڪست کائڻي پئي جڏھن ته اسان وٽ صورت حال ان جي ابتڙ آھي اسان جي ملڪ جي فوج دنيا جي بھترين فوجين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ عوام به دھشتگردن جو سخت مخالف آھي ان ڪري وقت طور تي کڻي دھشتگرد اسان جي آسان حدفن کي نشانو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي رھيا آھن پر انھن جي جنگ گھڻو وقت جاري رھي نه سگھندي، جڏھن ته شڪست انھن جو مقدر آھي اسان سمجھون ٿا ته اسان جي خلاف مختلف سوچ رکندڙ دھشتگرد پنھنجون ڪارروايون ڪري رھيا آھن ان ھوندي اھا ڳالھ طئي آھي ته مختلف سوچ رکندڙ دھشتگردن جي پٺ ڀرائي ڪندڙ قووت ڪا ھڪ ئي آھي، جيڪا ڪنھن به صورت ۾ پاڪستان تباھ ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ گھري ٿي، اسان ھتي ڳجھين ادارن پاران دھشتگردن جي چر پر يا ڪنھن امڪاني حملن بابت اڳواٽ اطلاع ڏيڻ واري سرشت کي به بھتر ڪڻ به ضرورت محسوس ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته ڳجھين لاھور ۾ ڪنھن وڏي وارڌات ٿيڻ يا دھشتگردي واري ڪارروائي بابت ته اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيو ھو پر ڪالھ سيوڻ شريف ۾ جيڪو آپگھاتي حملو ٿيو آھي تنھن بابت اڳواٽ ڪو به اطلاع نه ھجڻ مان لڳي ٿو ته اسان جي ڳجھن ادارن پاران وقت به وقت جاري ٿيندڙ ريڊ الرٽ کي پڻ ٻيھر ريوزٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي، اسان درگاھ لعل شھباز قلندر تي ٿيل آپگھاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شھيد ٿيلن جي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته ھاڻي گھڻو ٿيو دھشتگردن سان ھاڻي گھٽ نه ٿيڻ گھرجي ۽ ھاڻي ھڪ اڪاڻي ڪرڻ جو وقت ڀرجي آيو آھي جيڪڏھن افغانستان مان دھشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿي حملا ڪن ٿا ته پوءِ افغانستان سرڪار سان واضح لفظن ۾ اھو پڇاڻو ڪرڻو گھرجي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف ڇو استعمال ٿي رھي آھي ۽ جيڪڏھن افغان سرڪار انھن دھشتگردن سان مقابلو ڪرڻ جي سگھ نه ٿي رھي ته پوءِ عالمي طاقتن جي گڏيل سھڪار سان افغانستان ۾ دھشتگردن خلاف سخت آپريشن ڪري انھن جو خاتمو آڻڻ گھرجي، جيڪڏھن پاڪستان ھاڻي معمولي ڪوتائي ڪئي ته پوءِ ياد رکڻ گھجي ته پاڪستان ۾ چين جيڪا سرپڪاري ڪرڻ وڃي رھيو آۡھي اھا بند ٿي سگھي ٿي جنھن سان پاڪستان ھڪ وڏي مالي گھٽالي جو شڪار ٿي سگھي ٿو.