ڪراچي(هه آ) صوبي ۾گاڏين جي ٽيڪس چوري خلاف جاري مهم جي نون ڏينهن ۾17 هزار گاڏيون چيڪ ڪيون ويون. جڏهن ته گڏيل طور تقريبن82 لک روپيا ٽيڪس اوڳاڙي ڪئي وئي. اها ڳالهه اڄ صوبائي وزير ايڪسائيز ، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ٻڌائي وئي. گڌجاڻي ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز ، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس عبدالحليم شيخ ۽ ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي پڻ شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي ٻڌايو ته هلندڙ ميني 20 مارچ کان شروع ڪيل روڊ چيڪنگ مهم ۾ هينئر تائين ڪراچي ۾ 8367 ، حيدرآباد 3004، سکر 1707،لاڙڪاڻي 1288 ، ميرپورخاص 1500، شهيد بينظيرآباد ۾ 925 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته چيڪنگ مهم دوران هينئر تائين 813 گاڏيون قبضي ۾ ورتيون ويون. 1884 گاڏين جا ڪاغذ ضبط ڪيا ويا. جڏهن ته ٽيڪس ۽ ڏنڊ جي ادائگي کانپوءِ 1284 گاڏين جا ڪاغذ واپس ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چيڪنگ دوران گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس جي مد ۾ 4778383 روپيا، ودهولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 2712165 روپيا ۽ ڏنڊ طور 720044 روپيا وصول ڪيا ويا. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا روڊ چيڪنگ مهم تي اطمينان ڏيکاريندي هدايت ڪئي ته هلندڙ مهم دوران وڌ کان وڌ گاڏين کان ٽيڪس اوڳاڙي يقيني بڻائي وڃي.