ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو خطي ۾ گيم چينجر جي اهميت رکي ٿو، منصوبو مڪمل ٿيڻ سان صوبي ۾ معاشي ۽ اقتصادي سرگرميون وڌيڪ تيز ٿي وينديون، ملڪ جو اقتصادي حب ڪراچي جاگرافيائي لحاظ کان پرڪشش هنڌ تي هجڻ سبب معاشي سرگرمين جو اهم مرڪز آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل احمد محمدي سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو، سنڌ جي گورنر چيو ته ايران پاڪستان جو برادر پاڙيسري ملڪ آهي، گڏيل سيڙپڪاري ۽ ميگا پراجيڪٽس ٻطرفي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي، ايران هر ڏکئي مرحلي ۾ پاڪستان جي اخلاقي، معاشي مدد ڪئي آهي، خاص طور تي قدرتي آفتن ۾ صوبي جي عوام کي تڪڙو رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ايران امدادي سرگرمين ۾ اڳتي رهيو آهي، ان موقعي تي ايران جي قونصل جنرل احمد محمدي سنڌ جي گورنر کي ٻڌايو ته ايران جو عوام ۽ حڪومت پاڪستان کي ترجيح ڏئي ٿي، خطي ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي ۾ ايراني سيڙپڪاري به سيڙپڪاري ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيا آهن خاص ڪري ڪراچي جتي سيڙپڪاري لاءِ هڪ سازگار ماحول آهي، ايراني سيڙپڪاري صوبي ۾ زراعت، توانائي سيمت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن.