ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي سڌسماءَ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جي سموري ذميواري وفاقي حڪومت تي وجهندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ وفاقي حڪومت جو حصو آهي هو جمعي تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو سيد ناصر حسين شاهه چيو ته لوڊشيڊنگ سان صرف عوام نه پر خاص ماڻهو به پريشان آهن عوام سنڌ ۾ 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهيو اهي هي سڀ وفاقي حڪومت جو چڪر آهي سنڌ حڪومت بجلي ٺاهڻ وارا منصوبا شروع ڪري ٿي ته ان ۾ وفاق رنڊڪ وجهي ٿو هن هڪ سوال تي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ اڳوني اسپيڪر نثار کهڙو جي شخصيت کان سڀ واقف آهن اسپيڪر صاحب جو نالو نيب انڪوائري ۾ آيو آهي ته هو ان کي منهن ڏيندو ۽ سرخرو ٿيندو هن چيو ته پيپلزپارٽِ جي خلاف اتحاد ٺهندا رهندا آهن پر اهڙي اتحاد سان ڪوبه فرق نٿو پوي ناصر شاهه نگران حڪومت قائم ڪرڻ بابت سوال تي چيو ته آئين ۾ ان جو طريقيڪار موجود آهي انهي تحت نگران حڪومت قائم ڪئي ويندي.