اسلام آباد (بيورو): سنڌ اندر گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ سمنڊ ۾ جاني نقصان تي وڏي وزير جو صبر ٽٽي پيو، لوڊشيڊنگ معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو، پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف سان ملاقات، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ عوام 18 – 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ برداشت ڪري پيو، بجلي وڌڻ ۽ نوان پلانٽ لڳائڻ جون ڳالهيون ڪوڙيون آهن، سنڌ اندر 18 – 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران جاني نقصان تي سيد مراد علي شاهه سخت موقف سان ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بچاءَ واري وزير خواجه آصف سان ملاقات ڪري صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جي آزار کان آگاهه ڪيو، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه شين تي کين خدشا هئا، جنهن بابت خواجه آصف سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته سنڌ جي صنعتن کي بجلي نه پئي ملي، جڏهن ته عوام پڻ 18 – 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ برداشت ڪري پيو، سيد مراد علي شاهه چيو ته کين ٻڌايو ويو ته نوان پلانٽ لڳايا پيا وڃن، جنهن بعد بجلي وڌي ويندي، جڏهن اهڙي ڳالهه غلط آهي، سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته بجلي وڌي وئي ته هو وفاق کان خريد ڪندا، ان موقتي پاڻي بجلي واري وزير خواجا آصف چيو ته مراد علي شاهه کي سمورن صوبن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ بابت پلان کان آگاهه ڪيو ويو، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن بابت پڻ غور ٿيو، هن چيو ته ڪو صوبو پاڻ ٽرانسميشن لائين وڇائڻ چاهي ٿو ته ان جي اجازت آهي، خواجا آصف چيو ته سنڌ حڪومت نوري آباد کان ڪراچي تائين ٽرانسميشن لائين وڇائي آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف چيو ته ڪراچي ۾ بجلي سپلاءِ ڪري رهيا آهيون، 7، 8 وڏا ٽاور آنڌاري سبب ڪري پيا.