صوبي سنڌ ۾ ڇھ لک کان وڌيڪ مزدور سوشل سڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ آهن:سعيد غني

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني اربع واري ڏينهن پنهنجي دفتر ۾ پاڪستان ۾ متعين آسٽريلين هائي ڪمشنر ڊاڪٽر جيو فري شاو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي مختلف سيڪٽرز ۾ آسٽريلوي سيڙپڪارن سميت ٻيا معملا به غور هيٺ آيا ان موقعي تي آسٽريلوي هائي ڪمشنر ڊاڪٽر جيو فري ساو صوبائي وزير کي ٻڌايو ته صوبي سنڌ جو هڪ وفد ايندڙ هفتي آسٽريليا جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي جتي هو سنڌ ۾ مختلف سيڪٽرز ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪندو ان موقعي تي هن اطلاعات واري وزير کي آسٽريليا جي دوري جي دعوت ڏني آسٽريلين هائي ڪمشنر ٻڌايو ته هن وقت آسٽريليا جا ادارا سنڌ صوبي ۾ زراعت جي شعبي ۾ پنهنجي تجربن جي روشني ۾ اُپاءَ وٺي رهيا آهن. ۽ هتي زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ٻين سيڪٽرز ۾ ان حوالي سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالھ ٻولھ جو سلسلو جاري آهي. صوبائي وزير سعيد غني ڊاڪٽر جيوفري شاو کي سنڌ حڪومت پاران مختلف سيڪٽرز ۾ ڪيل ڪمن جي باري ۾ خاص ڪري پورهئي کاتي جي تحت سوشل سڪيورٽي جي ادئري ڪار کي وسيع ڪرڻ سميت ٻين تي تفصيلي طور تي آگاھ ڪيو. هن ٻڌايو ته هن وقت صوبي سنڌ ۾ ڇھ لک کان وڌيڪ مزدور سوشل سڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ آهن ۽ انهن مزدورن کي تعليم، صحت سميت ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواهش آهي ته هر پورهيت کي سوشل سڪيورٽي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ پورهيو کاتو تمام تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير آسٽريلين هائي ڪمشنر کي ٻڌايو ته هن وقت به صوبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت ڪيترن ملڪن جي ٿر ۾ بجلي جي منصوبن، صوبي ۾ فارمنگ سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪيل آهي ۽ هن وقت به صوبي ۾ ڊي سلينيشن سيوريج جي پاڻي جا ٽريٽمنٽ پلانٽ سميت ڪيترن ئي ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وقعا موجود آهن.    

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *