صوبي جو وڏو وزير هوندي به اسپيڪر ۽ سندس خاندان کي نيب جي دهشتگردي کان ناهيان بچائي سگهيو ؛مراد شاهه

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته افسوس آهي ته صوبي جو وڏو وزير هوندي به اسپيڪر ۽ سندس خاندان کي نيب جي دهشتگردي کان ناهيان بچائي سگهيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سدراني کي ڪالهه اسلام آباد جي هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو، جتي هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويو هو ۽ ڪالهه شام سندس واپسي هئي ۽ کيس گرفتار ڪرڻ بعد اسلام آباد ۾ نيب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نيب آغا سراج دراني جو 7 ڏينهن جو راهداري ريمانڊ طلب ڪيو جيڪو سمجهه کان باهر پر جج هن کي 3 ڏينهن جي راهداري ريمانڊ جي اجازت ڏني جنهن بعد کيس ڪراچي وٺي آيا. مراد علي شاهه چيو ته چيو ويندو آهي ته آغا صاحب جي مٿان اختيار اورانگهڻ جا الزام آهن ته هن سنڌ سايمبلي ۾ نوڪريون ڏنيون ۽ ٻيا به مختلف الزام آهن. هن چيو ته نيب وٽ ايترا ثبوت موجود هئا جو آغا صاحب واقعي ڪرپشن ۾ ملوث آهي هن کي گرفتار ڪري شام 5 وڳي کان پوءِ نيب آغا سراج دراني جي گهر تي حملو ڪيو، سندس ملازمن کي هيسايو، ڀتيون ٽپي دروازا ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿيا. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته گهر ۾ ڪو مرد موجود نه هو، سندس گهرواري، ننهن ۽ 3 ڌيئرون گهر ۾ موجود هيون، جن کي گهر مان ڪڍي قطار ۾ بيهاريو ويو هو، اسان جي وزيرن احتجاج ڪيو ته جيڪڏهن انهن جي ضرورت ناهي ته انهن کي ڇڏي ڏيو پر نيب جي اهلڪار سندس ڪا به ڳالهه نه مڃي. هن ٻڌايو ته عورتن اسان کي ٻڌايو ته 3-4 ڪلاڪن تائين اسان کي هتي محصور ڪيو ويو اسان کي ناهي خبر ته اندر ڇا ٿي رهيو آهي، اسان هنن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *