راولپنڊي (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ريلوي کاتي کي ٽرينون هلائڻ جي اجازت نه ملي سگهي، 24 ڪروڙ روپين جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائڻ وارا مسافر پريشان ٿي ويا، شيخ رشيد چيو آهي ته مراد علي شاهه سان ان ڪري ڳالهائڻ نٿو چاهيان جو هي وفاقي مسئلو آهي. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بسن کي اجازت ڏني وئي، اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي پر ريلوي کي بگاڙيو ويو ويو آهي. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو آهي ته غريب جي سواري جي مذاق اڏائي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان سان رابطي کانپوءِ اڱاري تي ٽرينون هلائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو آهي ته مان عمران خان جي حڪومت کي پنج سال پورا ٿيندي ڏسي رهيو آهيان. وفاقي وزير چيو آهي ته 31 جولاءِ کانپوءِ ليفٽ اينڊ رائيٽ ٻوهارو ڦيرجي ويندو. شيخ رشيد چيو آهي ته عيد تي ريلوي ٽڪيٽن جي مد ۾ 23 ڪروڙا کان وڌيڪ ايڊوانس بڪنگ ٿي چڪي ، جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ ريل گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته پوءِ پيا واپس ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينداسن. هن چيو ته مون کي يقين هو ته ٽرين سروس بحال ٿي ويندي، پر اربع تائين اجاز نه ملي تي پوءِ عملدان کي چونداسين 15 ڏينهن ۾ ماڻهن جا پيسا واپس ڪيا وڃن. هن چيو ته ريلوي وفاقي ادارو آهي ڪنهن صوبي جو نه، هي وزيراعظم عمران خان جي ماتحت آهي، مان پاڻ ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪري سگهان ٿو پر عمران جي فيصلي جو منتظر آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ريلوي هلائڻ جي اجازت نه ڏني ته خود سنڌ حڪومت جي خلاف رد عمل سامهون ايندو. شيخ رشيد چيو آهي ته مراد علي شاهه سان خراب لاڳاپا ناهن، پر مان هن سان ان ڪري نٿو ڳالهائڻ چاهيان جو هي وفاقي مسئلو آهي. هن چيو ته ريلوي جي ڪنهن به ملازم کي ڪڍيو نه پيو وڃي، هن عيد کان اڳ پهريان ملازمن کي پگهارون ڏينداسين، رٽائرڊ ملازمن کي به پگهارون ملنديون ۽ ايندڙ مهيني ۾ وقت تي پگهارون ڏينداسين ان کانپوءِ کائن معافي وٺنداسين.