صوبن جي اعتماد کان سواءِ وفاق نٿو هلي سگھي، گرفتار اڳواڻن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي:مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته مري صاحب يا اشفاق جو ڪو ڏوهه آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، چوڌري صاحب ڌمڪيون ڪافي وقت کان ڏئي رهيو هو، ان تي عمل هاڻي ڪري رهيو آهي، حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي جو چوڻ هو ته اهو سمجھي ڇڏيو ته هتان توهان جو صفايو ٿيڻ وارو آهي، پيپلز پارٽيءَ ۾ ڀڃڊاهه نه ٿيندي، پهريان هڪ هاڻي ٻين پارٽين کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، هي چاهين ڇا ٿا؟ پاڻيءَ جي صورتحال صحيح نه آهي، بجليءَ جو بحران آهي، مولا بخش چانڊئي جو چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن کي سامهون آندو وڃي، 24 ڪلاڪن ۾ پيش ڪرڻ جو قانون منظور ٿي چڪو آهي، مسلم ليگ ن وفاقي جماعت ناهي، علائقائي سوچ واري پارٽي آهي، ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جو عذاب ته 5 سالن کان آهي هو هاڻي ڇو نڪتا؟ ڪالهه سيوهڻ ۾ 18 ڪلاڪ بجليءَ جي اکٻوٽ ٿي، پاڻي ۽ بجليءَ وارو وفاقي وزيرڪوڙ ڳالهائيندو آهي، سنڌ مان ڪيترن ئي نوجوانن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو، ماڻهن کي کڻڻ ڏوهه آهي بند ڪيو وڃي، سنڌ ۾ رهڻ ڇا ڪو ڏوهه آهي، سپر هاءِ وي کي ويڪرو ڪري موٽر وي جو نالو ڏنو ويو، موٽر وي پوليس ڪٿي آهي؟ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جنازي ۾ پاڪستان مخالف نعرن کي آصف علي زرداري روڪرايا، اسان ڏکين حالتن ۾ به پاڪستان کي نه ڇڏيو، مولا بخش چانڊيو جو چوڻ هو ته شهباز شريف ته چئي ڏيکاري ته پاڪستان جي لاءِ جان ڏيندس، ملڪ کي هلائڻ چاهيون ٿا، مسلم ليگ ن وارا نه ڪندا، گم ٿيل ماڻهن کي پڪڙيو آهي ته انهن کي پيش ڪري سندن ڏوهه ٻڌايو وڃي، صوبن کي اعتماد کان سواءِ وفاق نٿو هلي سگھي، اسلام آباد ۾ به پاڻي ڏيو جون صدائون لڳي رهيون هيون، لاهور ويس ته بينر ڏٺا ته پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيو، روايتي دشمني جاڳائي ن لي اليڪشن ۾ وڃي رهي آهي.ماڻهن کي کڻڻ بند ڪيو، جيڪڏهن هنن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪريو، ماڻهن کي کڻڻ واري پاليسي درست نه آهي، اها افراتفريح پيدا ڪري رهي آهي، ميان صاحب پاڪستان جي لاءِ جان نه ڏيو پر پاڪستان جي جان ڇڏي ڏيو، پرويز رشيد رات خواب ۾ آيو هو، جنهن چيو ته منهنجو ڇا ٿيندو؟ مون چيومانس ته اوهان بابت ضرورت ڳالهائينديس، ن ليگ جي تصور ۾ وفاقي سياست نه آهي، چونڊيون اچي رهيون آهن، روايتي دشمنيءَ جي فصا پيدا نه ڪئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *