صوبائي ۽ ضلعي ترقياتي اسڪيمن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڪم وقت سر مڪمل ڪرايو ويندو. محمد نواز سوهو

خيرپور(شاهد سيال) ؛ڊپٽي ڪمشنرخيرپور محمد نواز سوهو چيو آهي ته صوبائي ۽ ضلعي اي ڊي پيز اسڪيمن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ترقياتي ڪم ڪرائن سندس پهرين ترجيح آهي ترقياتي اسڪيمن جا پيسا ليپس نه ٿيڻ ڏينداسين 100 سيڪڙو ڪم وقت سر مڪمل ڪرايو ويندو ڪنهن قسم جي ڪوتاهي ۽ دباء برداشت  نه ڪيو ويندو. هن اهڙي خيالن جو اظهار پنهنجي آفيس ۾ ضلعي ۽ صوبائي ترقياتي اسڪيمن بابت بلڊنگ، روڊز، ورڪس اينڊ سروسز، ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو چيو ته 25 آگسٽ تائين سمورا کاتا پنهنجي پي سي ون جمع ڪرائن هن آفيسرن کي سخت هدايت ڏيندي چيو ته پنهنجي ذميواري کي نڀائيندي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ اسڪيمون تيار ڪرڻ کان اڳ رپورٽ فراهم ڪئي وڃي اسڪيمون منظور هو پاڻ ڪندو ڊي سي خيرپور چيو ته اسڪيمن جي بجيٽ پاليسي موجب خرچ ڪرڻ ۽ اسڪيم جي نگراني لاءِ مضبوط ميڪنزم تحت ڪم ڪرايو ويندو ان سلسلي ۾ آفيسرن جي ڪوتاهي تي سندن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي هن چيو ته ڪنهن اسڪيم جا پيسا ليپس ٿيا ته لاڳاپيل آفيسر پاڻ ڀريندو اسڪيم هر حال ۾ وقت سر ڪمل ٿيڻ گهرجي. گڏجاڻي ۾ ايجوڪيشن ورڪس جي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻين کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ميرٽ ۽ ضرورت مطابق اسڪيمون ٺاهي منظوري وٺڻ. گڏجاڻي ۾ بلڊنگ، ايجوڪيشن ورڪس، روڊز جي سپرنٽينڊنٽ انجينئرن پاران تفصيل سان بريفننگ ڏني وئي. ڊي سي خيرپور چيو ته صوبائي ۽ ضلعي اسڪيمن تي مانيٽرنگ ڪئي ويندي ۽ اڻڌري جاچ ڪرائن سان گڏ بجيٽ جي خرچ بابت ٽيم کان رپورٽ ورتي ويندي هن انجينئرن کي هدايت ڪئي ته اسڪيمن ۾ گهٽ ۽ وڌيڪ ڪم ڪرائن واري ٺيڪيدار کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو. هن ورڪس اينڊ سروسز جي انجينئر کي هدايت ڪئي ته ڪيٽل ڪالوني جي تعمير جلد مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن مينهن جي واڙن کي شهر مان منتقل ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *