ڪراچي (رپورٽ:نظير ميمڻ) شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس لوڪل گورنمنيٽ جي صوبائي وزير اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين سعيد غني ۽ وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ نواب علي وساڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊمن صابر شاهه صاحب ٻهراڙي وارن علائقن ۾ فيز ٽو، ٿري ۽ نئين منصوبي فيز- 4 ۾ 10 هزار گهر تعمير ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي، گڏجاڻي ۾ وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ نواب علي وساڻ ٻڌايو ته شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل جي سنڌ صوبي جي هر ضلعي ۾ زمين الاٽ ٿيل آهي، جنهن تي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري اڪثر قبضا ٿي ويا آهن، نواب علي وساڻ گڏجاڻي ۾ تجويز ڏيندي چيو ته زمين تي بائونڊري وال ڏئي ڊولپمينٽ اسڪيم جو ڪم جلد شروع ڪيو وڃي ته جيئن گورنمينٽ سرڪاري زمين قبضي کان بچائي سگهي، نواب علي وساڻ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ديهه لقمان ۾ 200 ايڪڙن مان 80 ايڪڙن تي پلاٽنگ اسڪيم لاءِ 34 ڪروڙ جي لاڳت سان ڊولپمينٽ جو ڪم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وقت سر الاٽمينٽ نه ٿيڻ ڪري قبضا ٿي ويا آهن، ان موقعي تي نواب علي وساڻ فيز -4 جي گهرن جي شفافيت لاءِ نمبرنگ ڪئي ويندي، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني ديهه لقمان خيرپور ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ جي لاءِ نئين سر جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مستحق ماڻهن جي اهليت مقرر ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي اختيار نٿو ڏئي سگهجي، ان جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وڃي، گهرن جي شفافيت ۽ وقت سر تعمير جي لاءِ هدايتون ڏنيون، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني اجلاس ۾ ڪجهه ميمبرن جي شرڪت نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير سعيد غني، وڏي وزير اسپيشل اسسٽنٽ نواب علي وساڻ، چيئرمين شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل بقاءَ الله انڙ، چيف سيڪريٽري جي نمائندگي حسن نقوي، سيڪريٽري پلاننگ پي اينڊ ڊي، ايڊيشنل سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز، ڊي جي ڪچي آباديز اٿارٽي، سينيئر ڊائريڪٽر، ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ (ايس بي سي اي)، ڊائريڪٽر ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ حيدرآباد، هيومن ڊولپمينٽ فائونڊيشن جو نمائندو، چيئرمين آباد، چيئرمين عربن ريسورس سينٽر، چيئرمين سائبان سميت ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي.