سکر(بيورو) سنڌ جي قانون ۽ جيلن واري کاتي جي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته هاءِ پروفائي قيدين کي ڪراچي کان مختلف جيلن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي سمورن جيلن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، سڪيورٽي جي حواي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن سينٽرل جي سکر جي مختف بيرڪن جي اوچتي معائني دوران ڪيو. جي سپرينٽنڊنٽ راجا ممتاز جيل جي سڪيورٽي صورتحال ۽ قيدين بابت بريفنگ ڏني. قانون ۽ جيلن واري کاتي جي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار سخت گرميءَ باوجود سينٽر جي جي مختف بيريڪن، سڪيورٽي وارڊن، چڪر وارڊن جو دورو ڪيو ۽ قيدين جا مسئلا به ٻڌا. قانون ۽ جيلن واري کاتي جي وزير ضياءَ الحسن لنجار سکر سينٽر جيل ۾ جاري بيرڪن جي ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. صوبائي وزير جي سپرينٽنڊنٽ کي هدايت ڪئي ته سينٽرل جيل جي سڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ قيدين کي جيل مينوئل تحت سهوتون ۽ بهتر کان بهتر کاڌو مهيا ڪيو وڃي. هن جيل ۾ موجود اسپتا جو به دورو ڪيو ۽ اتي قيدي مريضن جي عيادت ڪئي ۽ صوبائي وزير ڊاڪٽرن کي گهرائي مريض قيدين کي بهتر کان بهتر عاج جون سهوتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته قيدين کي دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. صوبائي وزير جيل ۾ موجود ليبارٽري جو دور ڪيو ۽ پنهنجي رت جي چڪاس پڻ ڪرائي، صوبائي وزصير ان موقعي تي هدايت ڪئي ته ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي وڌائي وڃي. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته قيدين جا مسئلا حل ڪيا وڃن. ان موقعي تي صوبائي وزير سان گڏ سکر هاءِ ڪورٽ بار جو صدر قربان ملاڻو، حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار جو صدر اياز تنيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا