صنعتي ۽ واپاري سرگرمين ۾ اضافو معيشت جي مضبوطي ۽ روزگار ۾ اضافي جي ضمانت آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ و ماس ٽرانزٽ، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صنعتي ۽ واپاري سرگرمين ۾ اضافو معيشت جي استحڪام ۽ مضبوطي ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافي جي ضمانت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيوزن ٽيڪ ڪارپوريشن جي افتتاحي تقريب سان بحيثيت مهمان خاص پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي چيف ايگزيڪٽو آفيسر وقاص علي مغل، ڊائريڪٽر آغا تحسين، ڪراچي اليڪٽرانڪ ڊيلر ايسوسيئيشن جي صدر محمد رضوان کان علاوه واپاري وڏي انگ ۾ موجود هئا. ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ صوبو  خاص ڪري ڪراچي ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري لاءِ اهميت رکي ٿو. حڪومتي پاليسين ، امن وامان ۽ سرماياڪار دوست پاليسين سبب هن وقت سيڙپڪاري عروج تي آهي ، انويسٽرز جو حڪومتي پاليسين تي اعتماد ٺوس ثبوت آهي. صوبائي وزير چيو ته صنعتڪارن ۽ واپارين جو ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ ۾ وڏو حصو آهي. هن چيو ته حڪومت صنعتڪارن، واپارين ۽ سيڙپڪارن کي وڌ کان وڌ حفاظتي اپاءَ ، سهڪار  ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهي. تقريب کي خطاب ڪندي فيوزن ٽيڪ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر وقاص علي مغل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان روشني وڌي. جڏهن ته ڪراچي اليڪٽرانڪ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر محمد رضوان واپارين لاءِ حڪومتي پاليسين ۽ کنيل قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ايسوسيئيشن طرفان حڪومت سان هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *