صفدر کي گرفتارڪنهن ڪيو اهو ڇڏي ان جو ڏوهه ڏسو: شبلي فراز

پشاور(م ڊ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر کي ڪنهن گرفتار ڪيو اِهو وساري ڇڏيو، هن جو ڏوهه ٻڌايو وڃي.پشاور ۾ صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي جلسين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جواب ڏيڻ اسان جو فرض آهي جيئن صورتحال واضح رهي، بنارسي ٺڳن جي ٽولي جو مقصد پاڪستان کي پوئتي ڌِڪڻ آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ عوام انهن عنصرن کي رد ڪيو، هي عنصر پنهنجي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو تحفظ چاهن ٿا، هي واپاري ماڻهو هئا هنن پنهنجي سهولت موجب نظام هلايو، هن ذاتي مفادن جي لاءِ ملڪ جي وسيلن کي ڦريو ۽ ادارن کي مفلوج ڪيو، ملڪ ۾ جيترا به ادارا هئا انهن کي تباهه ڪيو ويو، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف قانون تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هي چاهن ٿا ته هڪ ارب کان گهٽ جي رقم جو معاملو ڪرپشن ۾ شمار نه ڪيو وڃي.مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي شبلي فراز جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان رٽ لڳائي رکي آهي ته هي اسيمبلي ڪوڙي آهي، مولانا فضل الرحمان جنهن اسيمبلي جعلي چوي ٿو انهيءَ مان صدر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، هو ڊگهو عرصو ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيو پر ان ڪاز جي لاءِ ڇا ڪيو؟شبلي فراز جو چوڻ هو ته هڪ دوکيباز پاڻ کي بيمار ٻڌائي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو، نواز شريف قانون کان مٿانهون ناهي، ان کي واپس آڻي جواب ڏيڻ گهرجي، نواز شريف جي واپسي حڪومت جي لاءِ بندوبست ڪندي، انهن کي واپس عام جيل ۾ وجهنداسين. ڪيپٽرن ريٽائرڊ صفدر جي گرفتاري تي شبلي فراز چيو ته قائد اعظم جي مزار هنگامو برداشت نٿا ڪري سگهون، ڪيپٽن (ر) صفدر پاڪستان ۽ عوام جي توهين ڪئي آهي ان ڪري هو گرفتار ٿيو، هن کي ڪنهن گرفتار ڪيو اِهو وساري ڇڏيو هن جو ڏوهه جو ڏسو ۽ ان جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *