صديءَ جو ٻيو وڏو سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ 76 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . خانداني ترجمان اسٽيفن هاڪنگ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. اسٽيفن هاڪنگ گذريل چئن ڏهاڪن کان هڪ پُراسرار بيماري ۾ ورتل هو ۽ هو ويل چيئر تي ويهي ڪري سائنسي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. اسٽيفن هاڪنگ کي آئنسٽائين کانپوءِ دنيا جو ٻيو وڏو سائنسدان قرار ڏنو ويندو هو، سندس سڀ کان گهڻو ڪم بليڪ هولز ۽ ٿيوريٽيڪل ڪاسمولاجي جي ميدان ۾ ڪيل آهي.گذريل سال برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي طرفان سندس 1966 ۾ ڪيل پي ايڇ ڊي جو مقالو جاري ڪيو جنهن ڪجهه ئي ڏينهن اندر مطالعي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا.اسٽيفن هاڪنگ جي مقالي کي ڪجهه ڏينهن اندر 20 لک کان وڌيڪ ڀيرا پڙهيو ويو ۽ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن اهو مقالو ڊائون لوڊ ڪيو اسٽفن هاڪنگ جو ڪتاب”بريف هسٽري آف ٽائم“ هڪ جڳ مشهور ڪتاب آهي جيڪو انقلابي حيثيت رکي ٿو. دنيا جو مشهور سائينسدان اسٽيفن هاڪنگ جنوري 1942 تي پيدا ٿيو هاڪنگ 1959 ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ ٽن سالن تائين آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد ڪيمبرج يونيورسٽي مان نيچرل سائنس ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين . اسٽيفن هاڪنگ جڏهن گريجوئيشن ڪري رهيو هو ان وقت فزڪس جي ماهرن زمين جي شروعات جي حوالي سان مختلف خيال پيش ڪيا جنهن کانپوءِ 1966 ۾ اسٽيفن هاڪنگ به 1965 جي هڪ مقالو لکيو جنهن مان کيس شهرت ملي. 1966 ۾ اسٽيفن کي ريسرچ فيلوشپ ملي ۽ هن اپلائيڊ ميٿا ميٽڪس ۽ ٿهيوريٽڪل فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. شاگردي واري زماني ئي اسٽيفن هاڪنگ جولائي 1965 ۾ جين وائلڊ نالي عورت سان شادي ڪئي جن مان کيس 3 ٻارن جو اولاد ٿيو . شادي بعد اسٽيفن کي موٽرنيورون نالي بيماري ٿي ۽ هو معذور ٿي ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو، پر ان باجود به هن طبيعات واري شعبي ۾ ڪم جاري رکيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *