صدر آزاد عدليا تي حملي جي ڪوشش ڪئي، استعيفيٰ ڏئي: پيپلزپارٽي

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صدر عارف علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پ پ سينيٽر رضا رباني، شيري رحمان، مولا بخش چانڊيي ۽ سستي پليجو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.رضا رباني چيو ته ڳالهه ڪرڻ جو مقصدحڪومت جو ادارن کي تڪراري بڻائڻ بابت آهي، ان نتيجي ۾ سموري سسٽم جو بريڪ ڊائون ٿي ويو آهي ۽ هاڻ ملڪ ۾ ڪو سسٽم موجود ناهي، مهانگائي عروج تي آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي.هن چيو ته دهشتگرديءَ جا واقعا ڪَرُ کڻي رهيا آهن، دهشتگردي ڳجهن ادارن تي حملن کان شروع ٿي ۽ هاڻ سويلين ادارا به نشاني تي آهن، ان صورتحال ۾ ڪهڙي حڪمت عملي هجڻ گهرجي ڪير سوچڻ وارو ناهي، حڪومت ڪنهن کي به اعتماد ۾ نه پئي وٺي ۽ اين ايس سي جو ڪو اجلاس ناهي گهرايو ويو، محسوس ٿي رهيو آهي ته لاڳاپيل ادارن کي مفلوج بڻايو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته ملڪ فسطائيت ڏانهن وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ حڪمراني جي انداز سان لڳي رهيو آهي ته ون يونٽ ڏانهن وڌي رهيو آهي، صوبن کان اختيار کسيا پيا وڃن، انهن حالتن ۾ پي ڊي ايم حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.رضا رباني چيو ته هاڻ نه رڳو حڪومت پر صدر کي به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته صدر آرڊيننس جاري ڪيو پر قانوني طريقن کي نه ڏٺو ويو، صدر اليڪشن ڪميشن جا 2 ميمبر نامزد ڪيا هئا پر چيف اليڪشن ڪمشنر انهن ميمبرن کان حلف وٺڻ کان انڪار ڪيو، صدر اعليٰ عدليا جي ٻن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪيا، پوءِ انهن ريفرنسز جي روح خلاف فيصلي آيا، ريفرنسن ۾ ايتريون غلطيون هيون جو ثابت ٿيو ته اهي بدنيتي طور داخل ڪيا ويا، قانون واري وزير غير قانوني طور ريفرنس ٺاهيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *