ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل تحريڪ انصاف جي صدارتي ڊاڪٽر عارف علوي کي مشروط حمايت جو فيصلو ڪيو آهي، اختر مينگل پي ٽي آءِ کي 6 نقاطي ٺاهه تي عملدرآمد جو شرط پيش ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ يار محمد رند بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ۾ سردار يار محمد رند اختر مينگل کان صدارتي چونڊن لاءِ عارف علوي جي حمايت گهري. سردار اختر مينگل صدارتي اميدوار جي حمايت لاءِ 6 نقاطي ٺاهه تي عملدرآمد جو شرط رکي ڇڏيو آهي ۽ ٺاهه تي عمل لاءِ وفاقي ڪميٽي بڻائڻ جو چيو آهي. سردار يار محمد رند خاطري ڪرائيندي چيو ته پي ٽي آءِ ٺاهه تي مڪمل طور عملدرآمد ڪرائيندي.