ڪوئيٽا(م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته صدارتي چونڊ جي حوالي سان پيپلز پارٽي سان رابطي ۾ آهيون، اميد آهي ته زرداري دوستي جي تقاضن تي پورو لهندو. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي، نتيجن کي نٿا مقبوليون، اسيمبلي ۾ وڃڻ ۽ حلف کڻڻ جائز نه هو، پر اسيمبلي ۾ وڃڻ جو فيصلو سمورين پارٽين جي گڏيل سوچ کي اختيار ڪيو، ڇو ته آئون پاڻ کي ۽ پنهنجي دوستن کي ڏکيائين ۾ نٿو وجهڻ چاهيان. هن چيو ته تحريڪ انصاف اڪثريتي پارٽي نه هئي، هڪ وڏوگروپ هو، گڏيل مخالف ڌر پنهنجو وزير اعظم آڻڻ جو فيصلو ڪيو پر پيپلز پارٽي جي عين موقعي تي ووٽ نه ڏيڻ عمران خان جي ڪاميابي جو سبب بڻجي يو. جيڪڏهن پ پ پنهنجي ووٽ جو استعمال اسان جي حق ۾ ڪري ها ته وزير اعظم به گڏيل مخالف ڌر جو هجي ها. هن چيو ته هڪ ڀيرو اهائي صورت اختيار ڪئي پئي وڃي، پيپلز پارٽي طرفان صدارتي اميدوار جي بيٺي رهڻ سان رڳو مخالف ڌر کي نقصان ٿيندو، پيپلز پارٽي کي راضي ڪيو پيو وڃي ته مخالف ڌرجي هڪ گڏيل اميدووار لاءِ قرباني ڏيو، آصف زرداري کي گهرجي ته سمورين مخالف ڌر پارٽين جي راءِ جو احترام ڪري ۽ مون کي قوي اميد آهي ته اڳوڻو صدر دوستي جي تقاضائن تي پورو لهندو.