ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ سنڌ جي ٻيٽن بابت وفاق پاران جاري ڪيل آءِ لينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ۽ پوليس سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتا.سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ آءِ لينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو.ٺهراءَ موجب ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاقي حڪومت ٻيٽن تي قبضي لاءِ غير آئيني طريقي سان آءِ لينڊ اٿارٽي آرڊيننس جاري ڪيو، سنڌ اسيمبلي، حڪومت ۽ صوبي جو عوام آرڊيننس کي رد ڪري ٿو.پوءِ سنڌ پوليس کي خراج ۽ يڪجهتي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو پڻ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.ٺهراءَ ۾ پوليس سان ٻڌي جو اظهار ڪندي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته مون کي سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، چُپ ان لاءِ آهيان ته جاچ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڳالهايان ته توهان جي ڪَنن تي هٿ اچي ويندا.هن چيو ته ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جلسي سان حڪومت وائڙي ٿي وئي، اڳ ۾ اهي ٿاڻي ويا، پوءِ پوليس تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو، پوليس طرفان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ باوجود پي ٽي آءِ وارا گوڙ ڪندا رهيا، تحريڪ انصاف وارن سنڌ پوليس سان بدتميزي ڪئي، ائين لڳو ڄڻ سنڌ انهن جي ڪالوني آهي.سيد مراد علي شاهه ٻيٽن بابت آرڊيننس جي واپسي تائين وفاقي حڪومت سان نه ڳالهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان معاملي تي طاقت سان وڙهنداسين، ٻيٽن تي آرڊيننس خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي.وڏي وزير چيو ته صدر 29 آگسٽ تي منظوري ڏني، 2 آڪٽوبر تي سامهون آيو، آرڊيننس غير آئيني آهي، رد ڪرائينداسين، انهن جي حب الوطني تي نه پر ملڪ سان پيار تي شڪ ضرور ٿي ويو، انهن کي ٻيٽن جي نالن جي ئي خبر ناهي ۽ آرڊيننس آندو اٿن.