ڪراچي (هه آ) منصوبابندي ۽ ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته غربت جي خاتمي، صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي ، معياري تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، ماحوليات ۽ توانائي سميت 17 اهم ترقياتي هدف ، پائدار ترقياتي هدف 2030 واري منصوبي ۾ شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ مقامي هوٽل ۾ پائيدار ترقياتي هدف 2030 نالي منعقد ڪيل سيمينار سان خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ کاتي پاران جامع منصوبه بندي ڪئي آهي ۽ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ادارا ۽ مستقل پاليسون نه هئڻ ڪري ترقياتي هدفن جي حاصلات سستي روي جو شڪاررهي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ يواين ڊي پي جي سهڪار سان منصوبابندي ۽ ترقي وارو کاتو پائيدار ترقياتي هدف 2030 حاصل ڪرڻ لاءِ سپورٽ يونٽ قائم ڪري رهيوآهي. منصوبه بندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو ته ويزن 2030 کي مڪمل اونر شپ ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ ادارن جي باهمي تعاون کي مضبوط ڪيو ويندو آهي. صوبائي وزير ان موقعي تي سنڌ ۾ ترقياتي سهڪار تي يو اين ڊي پي جو شڪريو ادا ڪيو. سيمينار ۾ اقوام سيمينار ۾ اقوام متحده جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر پول مارٽن، منصوبه بندي ۽ ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر قيصر بنگالي سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.