صحت کاتي ۾ ويڪسينيٽرز جي بائيوميٽرڪ جلد مڪمل ڪئي وڃي: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

ڪراچي(هه آ)  صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو هدايت ڪئي آهي ته هر ضلعي ۾ صحت کاتي جي ويڪسينيٽر جي بائيوميٽرڪ جلد مڪمل ڪئي وڃي ۽ ضلعي سطح تي هيلٿ ڪميٽين کي فعال بڻايو وڃي ته جيئن هو صحت کاتي جي زير اهتمام هلندڙ منصوبن جي ڪارڪردگي تي نطر رکي سگهي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ صحت کاتي جي زير اهتمام هلندڙ منصوبن جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد عثمان چاچڙ به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد عثمان چاچڙ ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ 21281 ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته 743 ليڊي هيلٿ سپروائيزر به پنهنجون خدمتون انجام  ڏئي رهيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي 29 ضلعن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي بائيوميٽرڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 6 ضلعن سجاول، بدين، ڪراچي اولهه، ڪراچي سينٽرل ۽ عمرڪوٽ ۾  ليڊي هيلٿ ورڪرز جون پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ آئي ڊيز کوليون ويون آهن ۽ مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ آئي ڊيز کولڻ جي لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته ويڪسينيٽرز کي پنهنجي آفيس ۾ صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين موجود رهڻ گهرجي. هن سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي صوبي مان بيمارين جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ صحت کاتي ۾ پنهنجا فرض انجام نه ڏيندڙن کي خبردار ڪيو ته سندن خلاف محڪمه جاتي ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير اها به هدايت ڪئي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيت، ايس او پي ۽ نصاب کي جلد تشڪيل ڏنو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *