صحت کاتي سکر جون 60 کان وڌيڪ گاڏيون مرمت نه ٿيڻ ڪري خراب،هر مهيني جعلي بل ٺاهي رقم خرد برد ڪرڻ جو انڪشاف
June 24, 2017 at 8:36 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
سکر رپورٽر) صحت کاتي سکر ۾ ڊاڪٽرن، عملي، موبائل هيلٿ سروس ليڊي هيلٿ ورڪر لاءِ مليل 60 کان وڌيڪ گاڏيون مرمت نه ٿيڻ ۽ انهن جي سار سنڀال نه ٿيڻ سبب خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته ڊي ايڇ او سکر پاران خراب پيل گاڏين جي مرمت ۽ تيل جي مد ۾ هر مهيني رپين جا جالي بل ٺاهي سرڪاري پيسا پڻ خرد برد ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي لتاڙ ڪندي صحت کاتي سنڌ پاران 20 گريڊ جي ڊي ايڇ او جي پوسٽ تي هڪ جونيئر 19 گريڊ جي ڏاڪٽر اياز سومرو کي 20 گريڊ جي ڊي ايڇ او جي پوسٽ تي مقرر ڪرڻ کان پوءِ صحت کاتي ۾ انڌير نگري چرٻٽ راج وارو نظام قائم ٿي ويو آهي ان سلسلي م۾ معلوم ٿيو آهي ته عورتن جي پرا.مري هيلٿ لاءِ نيشنل پرگرام تحت آيل 40 گاڏيون گذريل ڪيترن ئي مهينن کان خراب پيل آهن جڏهن ته مرمت نهن ٿيڻ ڪري انهن کي مختلف بيسڪ هيلٿ سينٽرن جي عمارتن م بيهاريو ويو آهي جڏهن ته ڊي ايڇ او آفيس جي عملي لاءِ مليل مختلف گاڏيون پڻ ڪيترن ئي سالن کان خراب پيل آهين جن کي سران ڏئي ٽيڪن تي پڻ بيهاريو ويو آهي جتي گاڏين جا قيمتي پرزا پڻ چوري ٿيڻ کان سواءِ گاڏين کي زنگ پڻ لڳي ويو آهي جڏهن ڊي ايڇ او سکر 0اڪٽر اياز سومرو انهن خراب گاڏين جي مرمت ۽ تيل جي مد ۾ ڪوڙا ۽ جعلي بل ڏيکاري لکين رپيا هر مهيني پڻ ڪڍي رهيو آهي، صحت کاتي جي اهڙي ڪارنامي تي سکر جي شهرين پڻ حيرت ۾ وجهي ڇڏيوآهي.