صحت کاتي جي خدمتن کي بهتر ڪرڻ باوجود ڪورونا جا ڪيسز تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صحت کاتي جي خدمتن کي بهتر ڪرڻ باوجود ڪورونا جا ڪيسز تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن.ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ صحت کاتي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.ڪورونا جي صورتحال تي اجلاس دوران سنڌ سرڪار طرفان ڪراچي جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ آءِ سي يو ۽ ايڇ ڊي يو بيڊز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي جي ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ سماجي وٿي نه هجڻ سبب ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي.اجلاس ۾ وڏي وزير طرفان فيلڊ آئسوليشن سينٽرز کي هاءِ ڊپينڊنسي يونٽ لاءِ اوزار توڙي دوائون مهيا ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت قطر اسپتال ۾ 16 آئي سي يو ۽ 64 ايڇ ڊي يو آڪسينيٽڊ بسترا فراهم ڪندي، جڏهن ته قطر اسپتال اورنگي کي 20 آئي سي يو ۽ 55 ايڇ ڊي يو بسترا ڏيندي.وڏي وزير چيو آهي ته سنڌگورنمنٽ اسپتال ڪراچي کي 10 آئي سي يو ۽ 65 ايڇ ڊي يو بيڊز فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي، جڏهن ته سنڌ گورنمنٽ اسپتال ميٽروول کي 8 آئي سي يو ۽ 34 ايڇ ڊي يو بيڊز مهيا ڪئي ويندي.اجلاس ۾ عباسي شهيد اسپتال کي 100 ايڇ ڊي يو بيڊز ۽ اين ڊي ايم اي کي 73 آئي سي يو ۽ 428 ايڇ ڊي يو بيڊز مهيا ڪرڻ جو به فيصلو ڪيوويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *