ڪراچي) هه آ) سنڌ جي سرڪاري شعبي جي اسپتالن، ڊاڪٽرن، طبي عملي، مدافعتي پروگرامن ۽ ليبارٽرين جي ڪارڪردگي کان 24 ڪلاڪ باخبر رهڻ، جاچ ۽ نگراني لاءِ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ي
نگراني ۾ سنڌ هيلٿ انفارميشن مانيٽرنگ ۽ سپروائيزري سيل ڪم ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته ان سيل جي قيام سان عوام کي معياري طبي خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي پئي وڃي. ڪارڪردگي پيش نه ڪندڙن کان پڇا ٿي رهي آهي ۽ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي کي پنهنجي ڪارڪردگي کي پرکڻ ۽ بهتر بڻائڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. سنڌ هيلٿ انفارميشن مانيٽرنگ اينڊ سپروائيزري تحت صوبي جي سمورين اسپتالن جي ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽس ۽ سندن ماتحت آفيسر، ڊي ايڇ او ۽ ماتحت ۽ ليبارٽرين ۽ مدافعتي پروگرامن جا انچارج پنهنجو ماهوار شيڊول مانيٽرنگ سيل کي موڪلين ٿا ۽ روزانو جي بنياد تي پنهنجي ڏنل شيڊول جي مطابق ڪارڪردگي کي لاڳاپيل لوڪيشن جي واضح ۽ رائڊ تصوير سان گڏ واٽس ايپ تي موڪلي رهيا آهن، جيڪي آفيسر شيڊول جي مطابق ڪارڪردگي جي رپورٽ واٽس ايپ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن انهن کي صوبائي وزير صحت جي آفيس مان وضاحتي خط جاري ڪيا ويا آهن ته هو وضاحت پيش ڪن. سنڌ هيلٿ انفارميشن مانيٽرنگ اينڊ سپروائيزري سيل تحت ڊسٽرڪٽ هيلٿ انفارميشن سسٽم، ليڊي هيلٿ ورڪرز مانيٽرنگ اينڊ انفارميشن سسٽم، فيملي پلاننگ، ٽي بي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ڪميونٽي ۽ اين جي اوز جي تحت طبي خدمتن، اميونائيزيشن لوڪيشن مانيٽرنگ انفارميشن سسٽم، ڊسٽرڪٽ ايڪشن پلان مانيٽرنگ انفارميشن سسٽم ۽ مدافعتي ٽڪن جي توسيعي پروگرام جي پروگرامن جي رپورٽس روزانو جي بنياد تي صوبائي وزير صحت کي انٽرنيٽ وصول ٿي رهي آهي ۽ ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو انهن رپورٽن جي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي ۽ هدايتون ڏئي رهيو آهي.