صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن لاءِ گهڻ رخو، متفقه ۽ جديد ضابطه اخلاق جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: سي پي اين اِي

ڪراچي( پ ر) پاڪستان ۾ صحافت جي آزديءَ ۽ استحڪام لاءِ ميڊيا جي ادارن ۾ ويجهڙائي ۽ ذميداراڻي صحافت سان گڏوگڏ صحافتي پيشي جي ترقي پڻ اهم آهي تنهن ڪري پاڪستاني ميڊيا جي سمورن تنظيمن، ميڊيا جي ادارن، صحافين ۽ ميڊيا جي ٻين ڪارڪنن لاءِ هڪ متفقه، گهڻ رُخو ۽ جديد ضابطه اخلاق جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريشن ( آءِ بي اَي) ۾ قائم سينٽر آف ايڪسيلينس ان جنرلزم (سي اِي جي) جي ڊائريڪٽر، سينيئر ايڊيٽر ۽ نامياري صحافي ڪمال الدين صديقي ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ( سي پي اين اِي) جي انتظام هيٺ ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو۔ تقريب ميڊيا لاءِ هِڪ گهڻ رُخي ضابطه اخلاق جي تياريءَ جي ڏس ۾ سي پي اين اِي جي ميمبرن پاران منعقد ڪئي وئي هُئي. تقريب کي ڪمال صديقي خطاب ڪندي چيو ته سي پي اين اِي جي انتظام هيٺ ميڊيا جي ڪيئي ماهرن جي تعاون سان تيار ڪيل مسودو هڪ متفقه، گهڻ رخُو ۽ جديد ضابطه اخلاق آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. هُن چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ صحافين لاءِ هڪ متفقه، گهڻ رُخي ۽ جديد ضابطه اخلاق جي تشڪيل ۽ ان جي رضاڪاراڻي طور نفاذ سان نه رڳو صحافت ترقي ڪندي پر اهڙي عمل سان عوام ۽ سياسي ادارن جو ميڊيا تي اعتماد پڻ وڌندو . سي پي اين اِي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ خطاب ڪندي چيو ته سي پي اين اِي جي انتظام هيٺ ميڊيا جي ڪيئي ماهرن هڪ متفقه، گهڻ روخو ۽ جديد ضابطه اخلاق جوڙڻ لاءِ ٻن سالن تائين تحقيق ڪئي آهي جنهن دوران انهن 28- بين الاقوامي ۽ سڄي ملڪ جي 14- تنظيمن جي ظابطه اخلاق جو انتهائي گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو ۽ ان بعد انهن مان هڪ جهڙو چونڊ مواد سهيڙي ضابطه اخلاق لاءِ مسودو مرتب ڪيو ويو آهي. ان مسودي کي پاڪستان جي سمورين ميڊيا جي تنظيمن، ادارن ۽ سينيئر صحافين کي فراهم ڪيو ويندو ته جيئن انهن جي راءِ بعد هڪ اهڙو مسودو جڙي راس ٿئي جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول، وسيع ۽ جديد تقاضائن سان ٺهڪندڙ پڻ هُجي. سي پي اين اِي جي پروجيڪٽس ۽ پروگرامز ڪميٽيءَ جي چيئرمين عامر محمود انهيءَ موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته صحافين جي پيشوراڻي سرگرمين دوران ضابطه اخلاق انهن جي مدد ڪندو آهي. هُن چيو ته سي پي اين اِي جو بنيادي مقصد صحافت جي آزادي، اظهار جي آزادي ۽ معلومات تائين رسائيءَ جهڙن بنيادي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ آهي. ضابطه اخلاق  ذميداراڻي صحافت طرف پهريون قدم آهي ۽ سي پي اين اِي محسوس ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ هڪ متفقه ضابطه اخلاق جي تشڪيل ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان نه صرف ملڪ پر پرڏيهه ۾ پڻ پاڪستاني ميڊيا جي وقار ۾ اضافو ٿيندو ۽ انهيءَ سان گڏ ڪوڙين خبرن جو پڻ خاتمو ٿي سگهندو. حامد حسين عابدي چيو ته عوام تائين درست خبرون پهچائڻ ۽ انهن کي حالتن متعلق صحيح ۽ شفاف عڪاسي ڪري ڏيڻ ميڊيا جو ڪم آهي.اخلاقي ضابطي تحت پيشوراڻي صحافتي سرگرمين ذريعي عوام کي آگاهي ڏيڻ جو عمل مڪمل ٿئي ٿو. عبدالرحمان منڱريو خطاب ڪندي چيو ته متفقه اخلاقي ضابطي جي تشڪيل ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان ميڊيا جي ادارن ۽ تنظيمن جي وقار ۾ اضافو ٿيندو. ان کان اڳ انيس دانش مسودي جي تياريءَ متعلق مهمانن کي آگاه ڪيو جڏهن ته روبينه رشيد ۽ عبدالرحيم موسوي  اخلاقي ضابطي کي وسيع ۽ جديد بنائڻ جي حوالي سان مهمانن کي معلومات فراهم ڪئي. پروگرام ۾ سي پي اين اِي جي سينيئر ميمبرن غلام نبي چانڊيو، مقصود يوسفي، حسن عباس، عبدالخالق علي، فيصل شاهجهان، عدنان ملڪ، احمد اقبال بلوچ، مظفر اعجاز، شير محمد کهاوڙ، ميان طارق، بشير احمد ميمڻ، محمود عالم خالد، سلمان قريشي، محمد طاهر، محمد تقي علوي، سيد رضا شاهه، عثمان عارب ساٽي، محمد جعفر جتوئي، ناصر خٽڪ، زاهده عباسي، حميده گهانگرو ۽ سدره ڪنول سميت سي پي اين اِي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *