صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، ڪارڪنن مان برداشت ختم ٿي ته تخت لاهور لڏي ويندو: بلاول ڀٽو

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لاهور ۾ بابر بٽ کي شهيد ڪرڻ ۽ شوڪت بسرا تي حملو سازش آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي ڪارڪنن مان برداشت ختم ڪئي ته نواز حڪومت گم ٿي ويندي، لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بابر سهيل بٽ جي قتل جي مذمت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شهيد بابر بٽ کي سلام پيش ڪيا ٿو، اسان بابر بٽ جي خاندان سان هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيون، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته حڪومت وارثن جي درخواست تي شهيد جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري، بلاول ڀٽو چيو ته شهيد بابر بٽ جو قتل ۽ شوڪت بسرا تي حملو سوچيل سمجهيل سازش آهي، ن ليگ جا گلو بٽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن تي حملا ڪري رهيا آهن، اسان جي صبر کي اسان جي ڪمزور نه سمجهو وڃي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن مان برداشت ختم ٿي ته تخت لاهور لڏي ويندو، ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته واقعي جي جاچ شفاف ڪئي ويندي، مقتول جي خاندان کي هر قيمت تي انصاف فراهم ڪيو ويندو، شهباز شريف سي سي پي او لاهور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بابر سهيل بٽ کي مخالفن لاهور جي علائقي مناوا ۾ گهر ٻاهران فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *