ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اعتراف ڪيو آهي ته صاف پاڻي جي نه ملڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽائي فائيڊ جو مرض پکڙجڻ جو سبب آهي. تفصيل موجب ڪراچي ۾ ٽائي فائيڊ جي وبا پکڙجڻ بابت سوال تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ سال 2017ع ۾ ٽائي فائيڊ ڦهليو هو ۽ هاڻ ڪراچي ۾ پکڙجي رهيو آهي. هن اعتراف ڪيو ته بدقسمتي سان شهرين کي ملندڙ پاڻي صاف ناهي ۽ ٽائيفائيڊ جي پکڙجڻ جو وڏو سبب صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي آهي. هن چيو ته پاڻي کي ڪلورينيٽ ڪرڻ واٽر بورڊ ۽ واسا جي ذميواري آهي. صاف پاڻي جي فراهمي مڪاني معاملو آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ ٽائيفائيڊ جا هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيس رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ ڪراچي ۾ به اِهو سلسلو اڃان جاري آهي. هڪ پاسي سنڌ اسيمبلي ۾ ايتري سنگين عوامي مسئلي تي ڳالهيون ٿيون ته ٻئي پاسي گذريل ٻن ڏينهن جيان اڄ به ايوان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي هنگامي سبب مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي الزام هنيو ته سندس ميمبر کي حڪومتي ميمبر گار ڏني، هن اسپيڪر سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان گار تي ڪو ايڪشن وٺو. ان تي اسپيڪر آغا سراج دراني موقف اختيارڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن گار ڏني آهي ته ريڪارڊ هوندو. ان موقعي تي امتياز شيخ جو چوڻ هو ته اسان ترديد ڪيون ٿا ڪنهن ڪا به گار ناهي ڏني، ٽن کان بنا ڪنهن سبب جي ايوان جو ماحول خراب پيو ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين شور جاري رهيو ۽ ان دوران مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جي وچ ۾ تلخ ڪلامي به ٿي. سعيد غني رڙيون ڪري مخالف ڌر اواڻ کي جواب ڏيندي چيو ته هي بي شرم آهن، ايوان جو ماحول خراب ڪري رهيا آهن.