شھدادپور( رپورٽر) تعلقي جي 80 سيڪڙو کان مٿي روڊ تباهي جي ڪناري تي پهچي ويا آهن جڏهن ته اڪثر روڊن تي ٺيڪيدار روڊس کاتي جي انجينيئر توڙي ايس ڊي اوز جي ملي ڀگت سان پٿر وڇائي ڪروڙين رپيا هضم ڪري گم ٿي ويا آهن اها ڄاڻ پڻ ملي آهي ته اڪثر روڊن جي مد ۾ ٽي کان چار دفعا ٽينڊر منظور ڪرائي پئسا هڙپ ڪيا ويا جڏهن ته روڊن تي ڌوڙ اڏامي رهي آهي ٻئي طرف انجنيئر ۽ ايس ڊي اوز ۽ ٺيڪيدار ڪنهن به پڇا ڳاڇا ۽ احتساب کان آجا بڻيل آهن جڏهن ته کين سياسي ڀوتارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي شھرين چيو ته شھدادپور روڊس کاتي جي انجنيئر توڙي ايس ڊي اوز تعلقي جي روڊن جي ڀينگ ڪندي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي هڪ روڊ جا ٽي ٽي ڀيرا ٺيڪا منظور ڪري حڪومتي ناڻي جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا آهن پر پوء به هو هر ڪاروائي کان آجا بڻيل آهن ان موقعي ته شھدادپور شھرين اعلئ حڪام چيف جسٽس نيب اينٽي ڪرپشن سميت ٻين ويس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور شھدادپور روڊز کاتي ۾ ٿيندڙ ميگا ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ۾ ملوث انجنيئر ايس ڊي اوز سميت ٺيڪيدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري لٽيل پيسه واپس ڪرائي روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي حتائين جا چونڊيل نمائندا گم شهر جو وڏي آبادي وارو ڳوٽ ٻرهون ۽ ڳوٽ بهادر ڪلوئي ۽ ڪيترائي ڳوٽن ۾ 40 سال گذري وڃڻ بعد به نه بنيادي سهولتن نه اسپتال نه ڪاه اسڪول ٺهيا شھر ۾ روڊ مٽي سان پوريل روڊ نه ٺهڻ ڪري شهرين جي منع ۾ ڌوڙ ٺيڪيدار رقم هڙپ ڪري گم شهري سورن ۾ شھرين ۽ گوٽاڻن ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شھدادپور سوائي روڊ جو مک مين روڊ ڪيترن سالن کان خراب بڻيل آهي جنهن ڪري شهري عذاب ۾ آهن هتان جا چونڊيل نمائندا گم آهن هنن اڄان تائين ٽڪي جو به ڪم ناهي ڪرايو، شهرين چيو ته سوائي روڊ جي روڊ جو ٺيڪو هڪ ڪرپٽ ٺيڪيدار کي ڏنو ويو جيڪو کڏا ھڻي پنجن سالن کان گم آهي جنهن ڪري روڊ جي حالت تمام خراب آهي اسان عذاب ۾ ورتل آهيو ان موقعي ته شهرين نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي اعلاء عملدارن کان مطالبو ڪيو ته شھدادپور سوائي روڊ ۽ شھر جي ترقي لاء ايندڙ اسڪيمن ۾ ٿيندڙ ڪرپش جو نوٽيس وٺي روڊ کاتي سميت ڪرپٽ ٺيڪيدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.