اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت بي قاعده لائسنس وارن جن پائلٽس جي لسٽ ڏني آهي ان مان ڪجهه شهيد ٿي چڪا آهن، ڪجهه رٽائرڊ ۽ ڪجهه جو ڊيٽا ڪليئر ناهي جڏهن ته ڪجهه عدالتن سان رابطو ڪري ورتو آهي.شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 50 کان وڌيڪ پائلٽس رابطي ۾ آهن انهن جو ڇا ٿيندو.؟ هن چيو ته سول ايوي ايشن کي گهرجي ته ان 262 پائلٽس کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري. ان پائلٽس کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پائلٽ امتحان ۾ نقل ڪئي آهي ته ان کي فارغ ڪرڻ گهرجي.