شڪارپور(رپورٽ: عتيق ڌڪڙ) شڪارپور ۾ صفائي جو مسئلو حل نه ٿيو، گٽرن جو گندو پاڻي مسلسل روڊ ۽ رستن تي، گندي پاڻي جي بيهجي وڃڻ ۽ گندگي جي آزار سبب شهري ۽ ڪاروباري زندگي مفلوج بڻيل، ايم پي اي امتياز شيخ ۽ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ گڏجاڻي، شهر جي ڊرينيج جي بحالي لاءِ 57 ڪروڙ جڏهن ته روڊن جي بحالي لاءِ 15 ڪروڙن جو ڪم سان شهر کي بهتر ڪنداسين، ايم پي اي امتياز احمد شيخ، شهر جي نالين جي صفائي ضروري آهي نه ته نوان ٺهيل روڊ به تباهه ٿي ويندا، ڊي سي شڪارپور، تفصيل موجب: شڪارپور شهر ۾ صفائي سٿرائي وارو مامرو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي گٽرن جو گندو پاڻي مسلسل شهر جي روڊ رستن، گهٽين ۽ بازارن ۾ بيٺل آهي، شهر جي سرڪيولر روڊ، گهنٽا گهر چوڪ، هزاريدر، هاٿيدر، دادوائي روڊ، اسٽورٽ گنج، شهيد الف شاهه، ڪرن گيٽ سميت شهر جي بازارن ۽ محلن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري شهري ۽ ڪاروباري زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي شهرين کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، شهر ۾ صفائي وارو مسئلو حل نه ٿيڻ خلاف گذريل ڏينهن ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ٿي گذر، گڏجاڻي جي صدارت ايم پي اي امتياز احمد شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سيد حسن رضا ڪئي، گڏجاڻي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر صابر شيخ ڳالهائيندي ٻڌايو ته شهر جي پمپنگ اسٽيشن ۽ فورس مين لائين جي بحالي لاءِ اسڪيمون جوڙيون آهن موجوده جيڪي فروس مين لائينيون آهن پاڻي جي گنجائش انهن کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته اهي لائينيون پراڻيون ٿي هنڌان هنڌان ڦاٽي پيون آهن، شفيع محمد لاکو ٻڌايو ته شهر جو ميگا پروجيڪٽ 2030ع تائين قابل عمل آهي پر بدقسمتي سان ان کي مڪمل نه ڪرايو ويو هو، جنهنڪري شهر ۾ پاڻي موجود آهي، ايم پي اي امتياز شيخ چيو ته گورنمينٽ جي ساک جي مسئلو آهي سڀني ڌرين کي گڏ کڻي شهر جي صورتحال کي بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته شهر جي بهتري لاءِ 3 رخن تي عمل ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته شهر جي ڊرينيج جي بحالي لاءِ 57 ڪروڙ منظور ڪرايا آهن جڏهن ته 15 ڪروڙ جي لاڳت سان شهر جي روڊن جو ڪم به هلي رهيو آهي، شهر جي بهتري لاءِ مينهن جا واڙا پڻ ٻاهر منطقل ڪيا ويندا، ڊي سي شڪارپور چيو ته شهر ۾ روڊ ته ٺهرائي رهيا آهيون پر بدقسمتي سان شهر جو ڊرينيج سسٽم صحيح نه هجڻ سبب روڊ تباهه ٿي سگهن ٿا اسان جي ڪوشش آهي ته جلد از جلد ڊرينيج جو مسئلو حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي کي هڪ جامع اسڪيم ٺاهڻ لاءِ چيو آهي ۽ سندس جي مدد لاءِ ميگا پروجيڪٽ جي ڪنسلٽنٽ پڻ هوندو، هوڏانهن سٽي پيڪيج تحت تعمير ٿيندڙ سرڪيولر روڊ جو پ پ ايم پي اي امتياز شيخ افتتاح ڪيو، ان موقعي بشير شيخ، نديم پٺاڻ، رحيم بخش جمالي، دلبر مهر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.