شڪارپور ۾ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
شڪارپور ڦاٽڪ ويجهو جوابدار واحد بروهي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري شاهده لغاري کي گوليون هڻي قتل ڪيو.
جوابدار پنهنجي گهرواري کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان لال شيخ کي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.
مقتول عورت جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته زخمي نوجوان لال شيخ کي سکر اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو.