شڪارپور( رپورٽ : عتيق ڌڪڙ ) شڪارپور ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان آگاهي مهم، ضلعي اندر 4 سالن ۾ رڳو 11 سيڪڙو ووٽ وڌيا آهن، ضلعي جي 5 يوسيز ۾ عورتن جو ووٽ 40 سيڪڙو کان به گهٽ آهي اليڪشن عملدار/ جي آگاهي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن طرفان ووٽرس ايجوڪيشن آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ڪالهه شڪارپور جي ضلعي اليڪشن ڪمشنر آفيس کان آگاهي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪمشنر آغا توفيق احمد طرفان شڪارپور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ڪرايو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن پروگرام ڪرڻ جو مقصد آهي ته عوام ۾ ووٽ جي اهميت، ووٽ جو استعمال ۽ ووٽ داخل ڪرائڻ جي متعلق ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، ڇا ڪاڻ جو ووٽ قوم جي امانت آهي، هن چيو ته ههڙي قسم جا پروگرام سڄي ضلعي اندر ڪرايا ويندا ۽ ووٽرن ۾ آگاهي لاءِ ايندڙ مهيني ۾ تجربيڪار استاد کان ووٽرن جي تصديق ڪرائي ويندي جڏهن ته سڄي ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ ڊسپلي سينٽر پڻ قائم ڪيا ويندا جتي عوام پنهنجو قيمتي ووٽ داخل يا منتقل ڪرائي هن چيو ته شڪارپور ضلعي اندر 2013 جي ٿيل جنرل اليڪشن ۾ ووٽن جو تعداد ٽوٽل 4 لک 89 هزار 18 هو جن ۾ مرد 2 لک 57 هزار 324 جڏهن ته عورتون 2 لک 21 هزار 694 ووٽرس هئا جڏهن ته جولاءِ 2017 تائين ووٽرن جو تعداد وڌي ڪري مجموعي طور تي 5 لک 43 هزار 463 ٿيو آهي جن ۾ 2 لک 90 هزار 754 مرد ۽ 2 لک 52 هزار 709 عورتون شامل آهن اهڙي طرح گذريل 4 سالن اندر صرف 11 سيڪڙو ووٽن جو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته شڪارپور ضلعي اندر 5 يونين ڪائونسليون اهڙيون آهن جتي عورتن جي ووٽ جو تعداد 40 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، انهن يوسيز ۾ جهان واهه، شيرڪوٽ، ٿانهريو، ماڇي ۽ ڳهڻو واهه شامل آهن، هن چيو ته انهن يونين ڪائونسلين ۾ پڻ آگاهي وارو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي.