شڪارپور پوليس جي ڪاروائي، ڪوئٽه کان ايندڙ ٻن مزدائن تي ڇاپو، 14 مڻ چرس هٿ، 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى
March 13, 2017 at 4:29 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
شڪارپور(ڊ . ر) شڪارپور پوليس جي ڪاروائي، ڪوئٽه کان ايندڙ ٻن مزدائن تي ڇاپو، 14 مڻ 2 ڪلو چرس هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى، هٿ ڪيل چرس جي ماليت ڪروڙين روپيا ٻڌائي وڃي ٿي. تفصيل موجب: ايس ايس پي شڪارپور ذيشان صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي دعوى ڪئي آهي ته خفيه اطلاع تي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي پوليس جيڪب آباد شڪارپور جي باءِ پاس واري علائقي مان جيڪب آباد کان ايندڙ ٻن مزدائن کي روڪي کين تلاشي بعد مزدائن مان 562 ڪلو چرس هٿ ڪيو ۽ چئن جوابدارن امين الله، محمد خير، محمد نسيم، عبدالحڪيم پٺاڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو، ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ٿيندڙ جوابدارن خلاف ڪرائم نمبر 2017ع 22، 21، 9 سي تحت ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ، هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جيڪي بلوچستان جي علائقي قلعا عبدالله مان مزدائن جي ڳجهن خانن ۾ چرس کڻي سکر ۽ نواب شاھ ڏانهن وڃي رهيا هئا، هٿ ڪيل چرس اعلى ڪوالٽيٽي جو آهي جنهن جي ماليت بازار ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ پڻ آهي.