شڪارپور (ڊسٽرڪٽ رپورٽر ) شڪارپور ضلع ڪائونسل جو اجلاس. تفصيل موجب : ڪالھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اجلاس ضلع چيئرمين آغا مسيح الدين خان دراني جي ٿي گذريو ، اجلاس ۾ وائيس چيئرمين امير علي ڪماريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، اجلاس سان ڳالهائيندي ضلع چيئرمين آغا مسيح الدين خان دراني چيو ته اسانجي اجلاس ۾ آفيسر مڪمل ڪونه ٿا اچن ۽ هاڻي اسانکي مٿي ليٽر سيڪريٽ موڪلڻا پوندا ته جيئن هو اجلاس ۾ شرڪت ڪن، هن چيو ته آفيسرن جي نه اچڻ ڪري اسان جي يوسين جا مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن اسان پرميشن جي ڪري هر هر مٿي ليٽر اماڻيا آهن ۽ جيئن ئي پرميشن ملندي ته هر ميمبر کي هڪجيترا پئسا ملندا ته جيئن هو عوام جون ڪجهه خدمتون ۽ ترقياتي ڪم ڪري عوام کي رليف ڏئي سگهن، هن چيو ته جيڪي ڪائونسل جا ميمبر ڪنهن به آفيسر کي اسڪولن جي باري ۾، اسپتالن جي باري ۾ يا روڊس ۽ ٻئي ڪنهن ڪم جي لاءِ ڪا درخواست ڏين ته ان جي رسيونگ ڪاپي هتي ڪائونسل ۾ به جمع ڪرائين ته جيئن ڪم نه ٿيڻ تي اسان انهن کان پڇاڻو ڪري سگهون، هن چيو ته اسان وٽ هڪ ڪمپلين آئي آهي ته هت دوائون ڪوڙيون هلن ٿيون جيڪي 90% سيڪڙو دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي جعلي ۽ دوائن جو رنگ ئي چينج آهي هتي ڊرگ انسپيڪٽر ننڊ ستا پيا آهن، ڪولڊ ڊرنگ، جوس به جعلي هلن ٿا ۽ هتي نقلي ڪارخانا هڻي ڪم هلائن ٿا انهن جي مٿان قانون ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سختيءَ سان نوٽيس ورتو وڃي. ان موقعي تي ڪائونسل جي ميمبرن غلام مصطفيٰ، محمد انور شيخ، الهوسايو ۽ عبدالرشيد جن چيو ته هتي اسڪولن جا ڪافي مسئلا آهن ڪجهه اسڪولن ۾ فرنيچر ڪونهي ته ڪجهه اسڪولن ۾ استاد ڪونه آهن، هنن چيو ته اسان جي يوسين ۾ رستن تي پٿر پيا آهن جيڪي تمام گهڻي تڪليف ڏين ٿا اسان چئي چئي ٿڪجي پيا آهيون ۽ آفيسر اسان کي ڪجهه سمجهن ئي نٿا ، هنن چيو ته ڪائونسل جي طرفان ڪابه ڪميٽي نه جڙي آهي ڪائونسل کي ڪميٽي جوڙڻڻ گهرجي ته جيئن آفيسرن کان ڪم ڪرائي سگهون.