شڪارپور ( رپورٽ : عتيق ڌڪڙ) شڪارپور جي پوليو مهم دوران ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ۽ بيهوش ٿيندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر مهتاب سمون جو موت ڳجهارت بڻيل ، ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ فوت ٿيل ليڊي هيلٿ ورڪر جو لاش شڪارپور پهتو ، وارثن طرفان لاش سميت احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ، وارثن موجب ته اسان جي نياڻيءَ تي تشدد ٿيل جنهن لاءِ شفاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي ، ڊي ايڇ او مطابق ليڊي هيلٿ ورڪر جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي اعلى جاچ ڪرائي ويندي. تفصيل موجب : ڪجھ ڏينهن شڪارپور ڀرسان جهان واھ واري علائقي ۾ پوليو ڊيوٽي دوران ڪتي جي ڌاڙهڻ سبب ڪري زخمي ٿيڻ بعد بيهوش ٿيندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر مهتاب سمون جو موت هيل تائين ڳجهارت بڻيل آهي جڏهن ته سندس جا وارث اڃا تائين ليڊي هيلٿ ورڪر کي تشدد ڪري شهيد ڪرڻ تي اڃا تائين قائم آهن ، هوڏانهن ٽراما سينٽر ڪراچي ۾علاج ٿيڻ کانپوءِ بيهوشي واري حالت ۾ مسلسل رهڻ کان پوءِ گذريل سومر ڏينهن فوت ٿيڻ کان پوءِ سندس ليڊي هيلٿ ورڪر جو مڙھ شڪارپور آندو ويو جڏهن ته وارثن مرحومه جو لاش حيدري محلا کان پرائيوٽ ڊاسٽن ذريعي کڻائي لکيدر چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ بعد ۾ سول اسپتال آڏو پهچي لاش سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ، ڌرڻي دوران صحت کاتي خلاف شديد نعري بازي ڪئي وئي ، ٻي طرف شيعه تنظيم سان واسطو رکندڙ به واقعي هنڌ پهتا ۽ احتجاج ۾ شامل ٿيا، هوڏانهن هلندڙ احتجاج دوران اسسٽنٽ ڪمشنر سيد ارباب شاھ ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شوڪت ميمڻ ، سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر قاضي خورشيد واقعي هنڌ پهتا جنهن مظاهرين کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ احتجاج ختم ڪرايو ، ٻي پاسي صحت کاتي طرفان ليڊي هيلٿ ورڪر جي وارثن جي اسرار تي ليڊي هيلٿ ورڪر جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ٽن ڊاڪٽرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ سول اسپتال خانپور جي ايم ايس ڊاڪٽر علي اصغر مڱڻهار ، ليڊي ڊاڪٽر انيلا ۽ ڊاڪٽر امتياز ميمڻ شامل هئا ، تشڪيل ڏنل ڊاڪٽرن جي ٽيمن طرفان ليڊي ڊاڪٽر کين ليڊي هيلٿ ورڪر جو پوسٽ مارٽم ڪيو ، ڊاڪٽرن موجب ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ سڀاڻي (اربع) ڏيهن جاري ڪئي ويندي ، ٻي طرف ٽراما سينٽر ۾ فوت ٿيل مهتاب سمون جو پوسٽ مارٽم بعد صحت کاتي انتظاميه وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته مرحومه جي جنازي نماز بعد کين کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور سيد ارباب شاھ ميڊيا کي ٻڌايو ته جيڪي به مهتاب سمون جي وارثن جا خدشا آهن سي دور ڪيا ويندا جڏهن ته ان واقعي جي انڪوائري لاءِ جوائنٽ ٽيم تشڪيل ڏني ويندي جنهن جو جائزو ورتو ويندو ۽ اهي سموري جاچ جڏهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ايندي ، ٻي طرف ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شوڪت ميمڻ چيو ته اسان جو همدرديون مهتاب سمون جي وارثن سان آهن سندس جا وارٿ ۽ اسان گڏجي ان واقعي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائينداسون ، هوڏانهن ليڊي هيلٿ ورڪر مهتاب سمون جي سئوٽ رخسانه ٻڌايو ته ان واقعي جي شفاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ، هن چيو ته مهتاب سمون تي تشدد ٿيل آهي هو شهيد آهي اسان جو مطالبو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهو ظاهر ڪيا وڃن جڏهن ته مهتاب سمون جي مڙس ڪرم حسين سمون ۽ ڀاءٌ جاويد علي صحافين آڏو دانهيون ته پوليو جي ڊيوٽي دوران ليڊي هيلٿ ورڪر سان ويندڙ گڏ ويندڙ سوشل ورڪر اڃان تائين غائب آهي مهتاب سمون مٿان تشدد ٿيل جا نشان آهن تنهن ڪري اسان انصاف جي گهر ڪيون ٿا.