شڪارپور جي امين شاھ چشتي پاڙي ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 نينگريون دٻجي فوت، گهر ۾ ڪهرام

March 15, 2017 at 8:54 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

شڪارپور( ڊ. ر) شڪارپور جي امين شاھ چشتي پاڙي ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 نينگريون دٻجي فوت، گهر ۾ ڪهرام ، نينگريون راند کيڏي رهيون هيون ته اچانڪ ڀت سندن مٿان ڪري پئي جنهن سبب واقعو پيش آيو . تفصيل موجب : ڪالھ شڪارپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد امين شاه چشتي محلي ۾ ٻه نينگريون 4 ساله آمنه ڌيءَ آصف معرفاڻي ۽ 6 ساله سهڻي ڌيءَ گل مير پنهوار پاڙي اندر راند کيڏي رهيون هيون ته اچانڪ محلي واري جي هڪ ڪچي ٺهيل ڀت نينگرين مٿان اچانڪ ڪري پئي جنهن سبب نينگريون ڌٻجي فوتي ٿي ويون پاڙي وارن ۽ گهرڀاتين پهچي ڌٻجي ويل نينگرين کي ٻاهر ڪڍيو ويو نينگرين کي فوتي حالت ۾ ڏسي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته پوري پاڙي اندر سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو ، فوت ٿي ويل نينگري آمنه معرفاڻي جي چاچي قاسم ٻڌايو ته ٻئي نينگريون گهٽيءَ ۾ راند کيڏي رهيون هيون ته اوچتو گهر جي ڀت مٿان ڪري پئي جنهن ۾ ٻئي نينگريون ڌٻجي فوت ٿي ويون آهن هوڏانهن اهڙي واقعي جو ڪيس آخري اطلاعن تائين داخل ٿي نه سگهيو.

اي پيپر