شيعه علماءِ ڪائونسل طرفان قلندڙ شهباز جي درگاھ تي ٿيل دهشتگردي واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي

شڪارپور ( ڊ ر ) شيعه علماءِ ڪائونسل طرفان قلندڙ شهباز جي درگاھ تي ٿيل دهشتگردي واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ، پريس ڪلب آڏو مظاهرو ، دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرائڻ جو مطالبو . تفصيل موجب : ڪالھ شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان ضلع شڪارپور طرفان درگاھ لعل شهباز قلندر تي ٿيل دهشتگري خلاف جماڻي هال چوڪ کان پريس ڪلب تائين ضلع صدر علي احمد ٻرڙو، ملنگ روشن هڪڙو ، عباس علي جي اڳواڻيءَ ۾  ريلي ڪڍي وئي ، ريلي ۾ قومي عوامي تحريڪ ، ايس ٽي پي ، شڪارپور بچايو تحريڪ ، ڪلارڪن ۽ سول سوسائيٽي جا اڳواڻ به حمايت ۾ شريڪ ٿيا ، ريلي ۾ شامل ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي شهر جي گشت دوران دهشتگردي مرده آباد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين کي علي احمد ٻرڙو ، ملنگ روشن هڪڙو، سيد عباس شاھ، حمير چانڊيو، شهاب شيخ، اعجاز ڪاڪيپوٽه، عبدالوهاب ڪاغذي، بدرالدين ٻرڙو، مولانا غلام عباس ، دين محمد شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سيوهڻ سانحو بين الاقوامي سازش آهي ، امن پرست ڌرتيءَ کي مقتل گاھ بڻايو ويو آهي هي انهن ماڻهن جا هٿ آهن جيڪي فلسطين ، عراق، شام جي ڏوهن ۾ ملوث آهن، هنن سانحه سيوهڻ جي مذمت ڪندي حڪومت کان قاتلن ۽ انهن جي سهولت ڪارن جي گرفتاري ۽ سرعام ڦاسي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي وڌيڪ چيو ته سانحي شڪارپور کي 2 سال گذري ويا آهن مگر هن وقت تائين ملوث ڏوهارين ۽ انهن جي سهولت ڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ويو آهي هن وقت شڪارپور وانا ۽ وزيرستان کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويو آهي افسوس جي ڳالھ آهي ته جن وٽان بمن جي فيڪٽري برآمد ٿي انهن کي ڪجھ به نه ڪيو ويو آهي هنن ملڪ، سنڌ ۽ بلخصوص شڪارپور ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *