شيخ رشيد پاران وزارت سنڀالڻ کان پوءِ حادثا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن: منظور وساڻ

راڻيپور: (رپورٽر)  پ پ  جي اڳواڻ ۽ پنهنجي خوابن  ذريعي سياسي اڳڪٿيون ڪندڙ منظور وساڻ ريلوي واري وزير شيخ رشيد کي نڀاڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. راڻيپور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي منظور وساڻ چيو ته جڏهن کان شيخ رشيد  کي ريلوي جي وزارت ملي آهي تڏهن کان ريلوي ۾ حادثا روزانو جو معمول بڻجي ويا آهن.ريلوي کي سڌارڻ جي بجاءِ شيخ رشيد هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو آهي ۽ سمورو ملبو مخالفن تي وجهندو آهي. اسان جيل ۽ سختين جي پيداوار آهيون. منهنجي خلاف 1990 ۾ ان وقت ڪلاشنڪوف جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جڏهن ڄام صادق سنڌ جو وڏو وزيرهو. شيخ رشيد هرنيوز ڪانفرنس ۾ پنهنجي خلاف  هڪ ڪيس جو ذڪر ناهي وساريندو.منظور وساڻ چيو ته عمران خان تي سرمايو لڳانيندڙن ۾ 80 سيڪڙو ان جو ساٿ ڇڏي چڪا آهن جڏهن ته ٻيا 20 سيڪڙو سرمائيڪار ۽ ٺيڪيدار به هن ئي سال  سندس ساٿ ڇڏي ويندا. عمران خان جي حڪومت هن سال نه رهندي کيس گهر موڪليو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *