شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني سبب اڄ ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي؛بلاول ڀٽو زرداري

ڏوڪري(رپورٽر) پ پ چئير مين بلاول ڀٽو زرداري جو هولو گراف ٽيڪنالاجي ذريعي پ پ عوام جي جلسي خطاب  سوين ماڻهن جي شرڪت، خبر موجب ، پ پ تعلقي ڏوڪري پاران  منير سوهو پاران سومرا شادي هال ۾ رکيل پروگرام ۾ ڏوڪري تعلقي جي مختلف ڳوٺن باڊهه موهن جو دڙو بگي ڪاراڻي ۽ مختلف ڳوٺن مان سوين جيالا پ پ جا جهنڊا کڻي پنڊال ۾ پهتا ، جڏهن ته پنڊال ۾ پ پ ضلعي صدر عبدالفتاح ڀٽو پ پ انفارميشن سيڪريٽري محمد علي امر ٻگهيو جي پنڊال ۾ اچڻ تي سندن جو پ پ ورڪرن چونڊيل چئيرمنين منير احمد سوهو حافظ رجب سولنگي لڪي غلام الرسول چڪڻ منصور امام ساريو، شهمير ميراڻي ، فدا ڦلپوٽو بشير جو ڻيجو رئيس عطا ءَ الله جتوئي محمد جمن ٻگهيو حسين سولنگي ، برڪت چنو ،مظفر سوهو  پ پ اڳواڻ غلام مصطفي گاڏهي ۽ ٻين گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي هولو گراف ٽيڪنالاجي ذريعي سوين پ پ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پ پ چئير مين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني سبب اڄ ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي، منهنجي ماءُ هڪ آمر جي اڳيان جهڪڻ بجاءُ سندس ڊڪٽيٽرشپ کي للڪاريندي،شهادت ماڻي. ڊسمبر جو مهينو پاڪستان جي عوام ۽ پيپلزپارٽي ڪارڪنن کان ڪڏهن به نه وسرندو، ڇو ته هن منهيني ۾ دنيا جي عظيم ليڊر کي شهيد ڪيو ويو، 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ لکين ماڻهون بي بي شهيد جي ورسي ۾ شرڪت ڪندا، شهيد بينظير جي ڀٽو جي ڇڏيل واٽ تي هلندي غريب عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، ، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڏوڪري ۾ هولو گرام ٽيڪنالاجي ذريعي ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي آهي جيڪا عام ماڻهون جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي، بي بي شهيد جي شهادت کانپوءُ ملڪ سنگين بحرانن جي ورچڙهيل هو، بحرانن مان ڪڍڻ لاءُ آصف علي زرداري ملڪ ۽ ڪارڪنن کي سنڀاليو ان جي ئي بدولت اڄ ملڪ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن، اسان بي بي شهيد جي غم کي طاقت ۾ تبديل ڪري جمهوري عمل کي اڳتي وڌايوسين ايندڙ چونڊون سڄي ملڪ مان پ پ پ کٽي پنهنجي حڪومت ٺاهيندي شهيد راڻي جي ڇڏيل خواب کي اڳتي وڌائنداسين پ پ عوام جي جلسي خطاب  شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني سبب اڄ ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي، اسان جي قائد جمهوريت محترم بينظير ڀٽو هڪ آمر جي اڳيان جهڪڻ بجاءُ سندس ڊڪٽيٽرشپ کي للڪاريندي،شهادت ماڻي. ڊسمبر جو مهينو پاڪستان جي عوام ۽ پيپلزپارٽي ڪارڪنن کان ڪڏهن به نه وسرندو، ڇو ته هن منهيني ۾ دنيا جي عظيم ليڊر کي شهيد ڪيو ويو، 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ لکين ماڻهون بي بي شهيد جي ورسي ۾ شرڪت ڪندا، شهيد بينظير جي ڀٽو جي ڇڏيل واٽ تي هلندي غريب عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، ، پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر عبدال فتاح ڀٽو پ پ انفارميشن سيڪريٽري سردار محمد علي امر خان ٻگهيو ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چئير مين خان محمد سانگهرو پ پ اڳواڻ منير احمد سوهو منصور امام ساريو باڊهه جو چئير مين محمد خان چنو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي . هنن وڌيڪ چيو پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي آهي جيڪا عام ماڻهون جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي، بي بي شهيد جي شهادت کانپوءُ ملڪ سنگين بحرانن جي ورچڙهيل هو، بحرانن مان ڪڍڻ لاءُ آصف علي زرداري ملڪ ۽ ڪارڪنن کي سنڀاليو ان جي ئي بدولت اڄ ملڪ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن، اسان بي بي شهيد جي غم کي طاقت ۾ تبديل ڪري جمهوري عمل کي اڳتي وڌايوسين ايندڙ چونڊون سڄي ملڪ مان پ پ پ کٽي پنهنجي حڪومت ٺاهيندي شهيد راڻي جي ڇڏيل خواب کي اڳتي وڌائنداسين، هنن وڌيڪ چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي جنهن کي ڪوبه شڪست نه ٿو ڏئي سگهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام جي لاءِ جانين جو نذرانو ڏئي تاريخ ۾ امر ٿي ويا، 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ هزارين پ پ ڪارڪن شرڪت ڪندا. ان موقعي تي ، منير احمد سوهو ڪارڪنن ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *