شهيد ذوالفقار ڀٽو جي مشن آڏو پيدا ڪيل سمورين رڪاوٽن کي پاڪستان جي عوام جي مدد سان هٽايو ويندو: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو/ نئون ديرو(مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن آڏو پيدا ڪيل سمورين رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي پاڪستان جي عوام جي مدد سان هٽايو ويندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۳۸ هين ورسي جي موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هنن کي سندس مشن تان هٽائي نه سگهي ته انتقامي ڪارروايون، ڀيانڪ الزام ۽ سازشون کين روڪي نٿيون سگهن ٿيون. هن چيو ته شهيد ڀٽي جو فلسفو اهو هو ته پاڪستان هڪ اهڙي جمهوري، مساوات تي ٻڌل، ترقي پسند، پرامن ۽ مثالي اسلامي رياست هجي، جنهن ۾ سمورن شهرين کي برابري جي بنياد تي حق حاصل هجن پر ان فلسفي جي آمريتي، سياسي شارڪ مڇين ۽ انهن جي پتلين طرفان انتقامي ڪاررواين ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا ذريعي سخت مزاحمت ڪئي وڃي ٿي. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اها سندس مشن ۽ نظريي جي سگهه آهي، جو ۳۸ سال اڳ کيس عدالتي قتل ذريعي شهيد ڪرڻ باوجود اڃا تائين سندس پيروڪارن ۾ جرئت ۽ جذبو غيرمتزلزل آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ۽ دنيا بي صبري سان انتظار ۾ آهن ته ان وزيراعظم جي عدالتي قتل تي نظرثاني لاءِ اماڻيل صدارتي ريفرنس جي شنوائي ڪڏهن شروع ٿيندي، جنهن ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ۽ ملڪ جي دفاع توڙي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي اڻ ڳڻين رٿائن جي شروعات ڪئي. هن چيو ته هڪ شخص هڪ ووٽ، هر شهري لاءِ پاسپورٽ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستانين لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ انهن ڪيترن ئي انقلابي قدمن مان ڪجهه آهن، جن هڪ متحرڪ قوم جي لاءِ مضبوط بنياد رکيا. هن وڌيڪ چيو ته ڀٽوازم پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ انصاف تي بيٺل مضبوط جمهوري نظام جي قيام ذريعي هر پاڪستاني لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ لاءِ جدوجهد بنا رڪجڻ جي جاري رهندي. هن نشاندهي ڪندي چيو ته آمريتي قوتن طرفان ڀٽوازم بابت جوڙيل سمورا بيانيه هڪ ڏينهن مڪمل طور ناس ٿي ويندا ۽ پاڪستان شهيد ڀٽي جي مشن پٽاندڙ هڪ مضبوط وفاق جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي جڳ مڳائيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *