ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ تاريخ ساز شخصيت هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جديد پاڪستان جو باني هو، وڏي وزير سيد مرا دعلي شاهه پاران شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي 38 هين ورسيءَ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو صنعتون قائم ڪيون، معيشيت کي مضبوط ڪيو، ڀٽو وڏن ملڪن سان برابريءَ جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪيا، ذوالفقار علي ڀٽو مضبوط ۽ آزاد پرڏيهي پاليسيءَ جو بنياد رکيو،.