ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جو صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلقڻهار ۽ اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 91 هين ڄمڻ جي ڏهاڙي واري موقعي تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلقڻهار جي يوم پيدائش تي ڏنل هڪ پيغام ۾ هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي فلسفي ۽ نقطه نظر واري مشن جي پڄاڻي لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون جاري رکنداسين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن جي پڄاڻي ۽ کيس خوابن کي ساڀيان ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي نظرياتي اڳواڻ جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هو هڪ وطن سان پيار ڪندڙ چٽي نقطه نظر وارو هڪ بهادر اڳواڻ هو جنهن سڀني سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ جمهوري روايتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. مرتضيٰ وهاب چيو ته پنهنجي عظيم اڳواڻ جي جدوجهد کي خراب تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته اسان ملڪي ترقي لاءِ کيس عظيم خيالن جي پوراءُ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو پڪو پهه ڪريون. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي صلاحيتون رکندڙ شخص هو ۽ هو سڀني سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هو کيس ذات جي خوبين ۽ ڪارنامن جي فهرست تمام گهڻي آهي هو هڪ علائقي يا خاص نظرئي جو حامل نه بلڪه عالمگير شخصيت جو حامل شخص هو. اڄ اسان کيس ڄمڻ جو ڏينهن وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهيا آهيون. شهيد ڀٽو جنهن کي ملڪ جي عوام سميت ايشيا جي اسلامي بلاڪ جو اڄ به هيرو تسليم ڪيو ويندو آهي. اڄ جو ڏينهن اسان کي اهو تاڪيد ٿو ڪري ته اسان کيس فلسفي تي عمل ڪندي ملڪ کي عظيم کان عظيم بڻائڻ لاءِ پنهنجين سڀني صلاحيتن کي ڪتب آڻيون.