شهيد بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي آخري ملاقات ڪربلا جو منظر هو: خورشيد احمد شاهه

لاڙڪاڻو:شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40 ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سيد خورشيد شاھ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان ئي آهي.شهيد بينظير ڀٽو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آخري ملاقات ڪربلا جو منظر هو، ان وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بينظير ڀٽو کان عوام جي خدمت ڪرڻ جو واعدو ورتو هو، جنهن واعدي تي عمل ڪري عوام جي خدمت ڪندي جان جي قرباني ڏني.هن چيو ته هي غريب هارين جو ملڪ آهي، پاڪستان غريب هارين مزدورن ٺاهيو هو، اسان پنهنجا حق وڙهي وٺنداسين، جيڪو واعدو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو هو، اهو واعدو بلاول ڀٽو زرداري پورو ڪندو.01

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *