اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي جي موقعي تي سياسي دشمنن کي گهرائي سياسي ميدان سجايو ويو، اسان جو خيال آهي ته ڪالهه بينظير ڀٽو کي حقيقي معنيٰ ۾ ماريو ويو.اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته جيڪي سياسي پارٽيون بينظير ۽ سندس پيءُ لاءِ اذيت جو سبب بڻيون، اهي اڄ انهن سان گڏ آهن، اپوزيشن جمهوري طريقي سان چونڊيل حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ چاهي ٿي.وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته مريم نواز جي جمهوريت لاءِ قابليت ٻڙي آهي، جيڪا ماڻهو مريم نواز جي پويان هٿ ٻڌي بيٺا آهن، ڇا اهي ڄاوا ئي غلام آهن.هن چيو اهي چون ٿا ته پاشا صاحب پاڪستان جو ڪچرو گڏ ڪري تحريڪ انصاف ٺاهي، اهو ٻڌائڻ وساري ويٺا ته ضياءُ الحق کين سياست ۾ آندو، سلام آهي انهن عدالتن کي، جن پرويز مشرف کي سزا ڏني، پوءِ انهن عدالتن کي سلام ناهي، جن توهان جي پيءُ ۽ توهان کي سزا ڏني ۽ توهان جي سڄي خاندان کي مفرور قرار ڏنو.سندس موجب چيو ويو ته عمران خان فوج پويان لِڪي ويندو آهي، اڄ آرمي چيف کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي، جيتوڻيڪ توهان پاڻ ان کي مقرر ڪيو هو.فواد چوڌري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ن ليگ اڳواڻن کي گهرائڻ پ پ لاءِ شرمناڪ ۽ ن ليگ لاءِ عبرت جو مقام آهي، 80 جي ڏهاڪي ۾ مارشل لا تي مٺائي ورهائيندڙن ۾ ن ليگ اڳڀري هئي ۽ جڏهن ذوالفقار ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي، تڏهن به ن ليگ مٺائي ورهائي رهي هئي.هن چيو ته ن ليگ پنجاب ۾ جاڳ پنجابي جاڳ چوندي آهي، سنڌ ۾ بينظير سان گڏ نظر ايندي آهي، فوج سان گڏ هوندا آهن ته پنهنجي وفاداري ظاهر ڪندا آهن ۽ جڏهن ڀارت ۾ هوندا آهن ته چوندا آهن سڄي خرابي فوج سبب آهي، سانڊو به ايڏي تيزي سان رنگ ناهي مَٽائيندو، جيئن ن ليگ قيادت پنهنجو رنگ مَٽائيندي آهي.وفاقي وزير شبلي فراز ۽ فواد چوڌري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ سندس والد جي مزار تي دشمنن کي آندو ويو، جِن ماڻهن شهيد بينظير ڀٽو کي تڪليفون ڏنيون ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي گهاٽ تي چاڙهڻ لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، اڄ اُهي پيپلز پارٽي سان گڏجي ويا آهن، وفاقي وزير شبلي فراز، فواد چوڌري ۽ فيصل واوڊا جي پي ڊي ايم تي تنقيد ڪئي. وفاقي وزيرن چيو آهي ته جِن ذوالفقار ڀٽو جي شهادت تي مٺايون ورهايون، اُهي به ڳڙهي خدا بخش واري جلسي ۾ ويا، جمهوري حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان ختم ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون پيون وڃن، مريم نواز ڪهڙي سياست جدوجهد ڪئي آهي جو کيس ليڊر مڃون، اپوزيشن کي ڪيسز ۾ سولائي ملي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز کي سياست ۾ ڪوبه تجربو ناهي، ٻارن سان ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن…….