شهدادپور (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي عوام جي حقن ۽ جمهوريت خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏيڻ کان به ڪيٻايو، سندس قاتل ڳولي رهيا آهن، کين بي نقاب ڪندو. شهدادپور جي هرداس پورا چوڪ تي هڪ تقريب ۾ هولوگرام ٽيڪنالاجي ذريعي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين جا جان نثار شرڪت ڪري ثابت ڪندا ته شهيد راڻي جو قافلو جاري ۽ ساري آهي. ان کان اڳ ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم، ميونسپل چيئرمين علي مرتضيٰ ٿهيم، عبدالرحمان ٿهيم، ذوالفقار زرداري، سيد خير شاهه ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.27